Monday, May 29, 2017

آفتاب ڪيريو ڀريا روڊ

​ڪاش عيد جي ڏهاڙي ڪو اهو به سوچي ها ته پاڙي ۾ يتيم ۽ مسڪين ٻار مايوس ۽ غمزده آهي ان لا ته ان وٽ اهو سڀ ڪجه ان ڏينهن به ناهي جنهن ڏينهن سڀني ڏي هوندو آهي.. ان ڏينهن ڪنهن يتيم پنهجي والدين جي شفقت کي ضرور محسوس ڪيو هوندو ۽ عيد کي عيد نه ڪري سمجهيو هوندو. دنيا ۾ ڪو انسان فرشتو ته نٿو ٿي سگهي مگر ڪڏهن ڪڏهن ڌرتي تي انسان جو ڪيل ننڍو عمل به انجي شخصيت ۽ نيتن جو تعارف ڪرائي ڇڏيندو آهي. ڀريا سان تعلق رکندڙ انسان ٖ هڪ مڊل ڪلاس طبقي جي گهراڻي جي ٽيليفون آپريٽر جي فرزند ٖ سماجي و ديشي ڪارڪن ٖ صوفياڻي نظريئي جو پيروڪار ٖ صحافت کي زندگي جو ڪافي حصو ارپيندڙ محترم آفتاب حسين ڪيريو ٖ ڳوٺ خليفو حاجي ابراهيم ڪيريو جو ڪردار معاشري جي فلاح و انساني بهتري لا ساراه جوڳو رهيو آهي. پاڻ مختلف قومي و سماجي تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ ڪم ڪيو اٿن ۽ انڊس ڪيريا سوشل فورم ۾ پنهجو ڪردار ادا ڪيو اٿن.پاڻ دنيا نيوز ٽي وي ۾ تعلقه رپورٽر ڀرياسٽي ۽ اليڪشن ايگزيڪيٽو ڪميٽي جا چيئرمين به آھن ته انجمن غلامان پنجتن پاڪ عيد ميلادالنبي ڪميٽي نوشھرو فيروز جو سھڪاري ميمبر به آھن. موجوده وقت ۾ پاڻ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ ايريا سيلز مينيجر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. دعا اھي ته مولا سندن نيڪ جذبن ۽ زندگي ۾ برڪتون وجهي. آمين.توهان کي آفتاب جي شخصيت ڪيئن لڳي پنهجي مثبت ڪمينٽس کي ڏئي محبت و عزت کي فروغ ڏيو.








رضا محمد ڪيريو سڪرنڊ

سالن جي سورن کي برداشت ڪرڻ کانپوء اگر ڪنهن جي منهن مان صرف بهترين جو لفظ يا اوهان تي فخر آهي ته اهو ان اذيتن جو پورائو نٿو ڪري سگهي جڏهن معصوم زندگين جي ڪلهن تي وڏا بار رکيا وڃنن. نواب شاه جي نوجوان رضا محمد ڪيريو جي زندگي جي ڪهاڻي به ڪجه اهڙي آهي جو جڏهن مئٽرڪ ڪئي هئي ته بدقسمتي سان سندن والد وفات ڪري ويو ۽ قدرتن والد هر ٻار جو دنيا جو وڏو سهارو هوندو آهي پر اهو به منزل تي پهچڻ کان پهرين ئي ختم ٿي وڃي ۽ اهو به ڪنهن شاگرد کان ٖ جنهن ڪتابي جملن مان ڪي عظيم خواب سوچيا هجن. ته سوچڻ جي ڳاله پيدا ٿئي ٿي ته ان انسان جي زندگي جي مسڪراهٽ ٖ هر خوشي بي رونق ٿي وڃي ٿي. ليڪن اهڙن حالتن ۾ ڪو مقابلو ڪري منزل تائين پهچي ته اهو شينهن جي برابر آهي.. 

نوجوان رضا محمد ڪيريو انٽرميديئٽ کان يونيورسٽي تعليم تائين پارٽ ٽائيم نوڪري ڪري پنهجي فيملي جي سپورٽ سان گڏو گڏ تعليم جاري رکي. ۽ بهتر روزگار کي حاصل ڪرڻ لا در در تي ڀٽڪندو رهيو مگر ڪنهن ڀوتار جي آسري تي پنهجو وقت ضايع نه ڪيو ۽ پاڻ پنهجي ڪيريئر جي شروعات خوشحالي بينڪ ڪراچي ۾ بطور بي  ڊي او سال 2012  کان ڪئي ۽ سندن ان سفر ۾ پاڻ مختلف بينڪس جي مختلف عهدن کان وٺي موجوده وقت ۾ حبيب بينڪ لميٽيڊ نوابشاه ۾ بطور اسٽنٽ مينيجر تائين پهتا آهن.
رضا ڪيريو جي حقيقي ڪهاڻي ئي سندن حقيقي تعارف آهي ته پاڻ بهادر ٖ محنتي ۽ خود دار انسان آهن جيڪي ٻئي جي سهاري جو انتظار ناهن ڪندا پر پاڻ ٻين جو سهارو ٿي ويندا آهن. 


Ali Akbar Keerio , Sukrand

​سنڌ ۽ انسانيت دوست . خوشحالي لا جدو جهد ڪندڙ نوجوان ايڊوڪيٽ علي اڪبر ڪيريو جو تعلق ڳوٺ نٿو ڪيريو تعلقه سڪرنڊ سان آهي . پاڻ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا نائب صدر تعلقه سڪرنڊ آھن. پاڻ 8 سالن کان ايس ٽي پي جا ميمبر آهن. پاڻ هڪ غريب خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ زندگي جي بي رحمين سان جنگ ڪري به تعليم جهڙي زيور کي حاصل ڪيو. پاڻ اهي انسان آهن جن بنا خوف ذيادتين جي خلاف هميشه احتجاج ڪيو ۽ سچ جا ساٿي رهيا. سندس جذبي جو دل جي گهراين سان احترام آهي ۽ سندس معاشرتي بهتري لا ڪاوشن تي اسان کي ناز آهي. دعاگو آهيون ته رب سائين سندن جذبي ۽ ڪاوشن سان گڏو گڏ سندن زندگي ۾ به برڪت وجهي ۽ پاڻ هميشه خوش رهن آمين.

غلام حسين ڪيريو ڪراچي

​هڪ انمول ۽ خوش اخلاق انسان جنهن جي چهري تي اڪثر مسڪراهٽ هوندي آهي جيڪا تمام ٿورن انسان کي نوازيل هوندي آهي.کين خوش اخلاقي ۽ خود داري والدين کان ورثي ۾ ملي ۽ خود داري جي صفت جي بدولت سماراجن جي ڪاڻ نه ڪڍڻ جي بدولت هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ويڪسينيٽر جي سرڪاري نوڪري ماضي ۾ وڃائي ويٺا ۽پوء پرائيويٽ ۾ آدمجي ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ نيٺ مالڪ سيڪريٽريٽ ۾ ڪرسي تي ويهاريو.سندن نسل اڪثر مختلف بزرگن جي زباني ڳالهين مطابق نوابشاه جي ڀرسان لڳ ڳوٺ جمال ڪيريو سان تعلق رکي ٿو. ڪافي عرصو پهرين تقريبن ڏيڍ سئو سال پهرين اتان کان هجرت ڪري ڳوٺ چوٽياريون شريف ضلع سانگهڙ ۾ رهائش پذير ٿيا. هجرت ڪرڻ وارن ۾ سندن وڏو ابو طالب ۽ نور محمد ڪيريو شامل هئا. جڏهن ته انهن جا مائٽ بصر دين ڪيريو ۽ معز دين ڪيريو اتي ئي رهيا.. پاڻ وڏيرو احسان علي ڪيريو جي فرزند مرحوم وڏيري محمد ابراهيم جا فرزند غلام حسين ڪيريو آهن. پاڻ اٺين ڪلاس تائين پنهجي ڳوٺ ۾ تعليم حاصل ڪئيٖ مئٽرڪ ۽ انٽر شهداد پور هاء اسڪول مان ڪيائون.مرحوم رئيس رسول بخش ڪيريو سڪرنڊ جو ۽ سندن جو خاندان اوائلي ھڪ ھو ، اھا ڳالھ سندن ڏاڏا مرحوم احسان علي ڪيريو به ڪندو ھو ۽ سائين اعجاز علي شاھ راشدي سعيد آباد به ڪندو ھو .پاڻ حقيقي قوم جو حقيقي درد محسوس ڪندا آھن، دعا آهي ته مولا سائين سدا سلامت رکين ۽ هميشه مسڪرائيندا رهن. آمين.اوهان غلام حسين ڪيريو جي شخصيت کي مثبت انداز ۾ ڪيئن پرکيو آهي.. ڪمينٽ ڏيڻ نه وساريندا.



Sunday, May 28, 2017

Dr.Atta Muhammad Keerio , Sukrand

اڄ جو مايه ناز انسان زندگي جي مشڪلات لمحن مان گذريو آهي. پر انسان جي فطرت رهئي آهي ته ڪنهن کي ڪنهن جي شهرت نٿي وڻيڊاڪٽر عطا محمد ڪيريو کي تعليم يافته بڻائڻ ۾ سندن والده محترم جو تمام اهم ڪردار رهيو.ڊاڪٽر صاحب پنهجي ايڊيوڪيشن جي دوران به ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر جي حيثيت سان ڪم انڪري ڪندا هئا ته جيئن تعليمي اخراجات به پورا ٿي سگهن ته پروفيشنل صلاحيتن ۾ نکار اچي سگهي. ڊاڪٽر صاحب 16 سال تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ پنهجون پروفيشنل خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ بي پي ايس 18 تي رٽائرڊ ٿيا. پاڻ سندن رهائش کان 20 ڪلو ميٽر پري پنج موري ۾ هڪ لاڳاتار عرصي کان ڪلينڪل پريڪٽس ڪري رهيا آهن. سندن ميڊيڪل اسپيشلٽي ٽي بي ۾ آهي. ٽي بي اڪثر اهو مرض آهي جيڪو 90 سيڪڙو تمام غريب طبقي جي ماڻهن کي اڪثر غربت جي سبب ٿئي ٿو ۽ سندن واسطو اڪثر ان غريب طبقي جي خدمتن سان رهيو. پاڻ جنهن دور مان گذريا ان دور انهن کي اٻوجه ۽ بي سهارا قوم لا احساس و محبت ڏني.ڊاڪٽر عطا محمد ڪيريو جهڙن انسانن جو اسان جي معاشري ۾ هميشه خدمتن کي سلام ڪندااهم ڪردار رهيو آهي جيڪو هڪ مثالي ڪردار آهي.اوهان هڪ مثالي ڪردار ادا ڪندڙ هستي جي نيڪ 

Majeed Keerio , A bold Press reporter

هي سماج الائي مذاق ڪندڙ آهي پر جهڙي طرح سان مزاق ڪندو آهي اهو انسان کي کلائڻ بدران اکين مان لڙڪ وهائي ڇڏيندو آهي. ڪيڏو نه مذاق ٿو ڪري جو هڪ ڏينهن اکين مان پاڻي به ائين ئي ختم ٿي ويندو آهي جيئن ٿرپارڪر جي زمين پٿر ٿي ويندي آهي ۽ اتي جا رهواسي پاڻي لا سڪندا آهن. ساڳئي طرح انسان اندر کي مليل ناسورن تي روئندي روئندي به لڙڪ به ناهي وهائي سگهندو. مزاق جو هڪ اهڙو به الميو هوندو آهي لوه ۽ سخت پٿرن کي ڪثڻ واري کي مزدور ٖ جاهل ٖ بيوقوف ٖ چريو ۽ ناڪام چوندو آهي مگر رئيس پنهجي بنگلي تي آرام ڪندي ڪندي آساني سان مهان ۽ هيرو سڏيو ويندو آهي.

ڪاش ڪو عظيم رهبر جي ايم سيد جي پکين ۽ جانورن جي پيار کي سمجهي ڪنهن انسان کي اهڙو ئي پيار ڏئي ها ته اڄ ڪنهن جي چهري تي ڪاوڙ نه هجي ها ٖ ڪنهن جي دل ٽٽل نه هجي ها ٖ ڪو نفرتن و تعصبن ۾ زندگي نه گذاري ها.

اڄ جو مجيد ڪيريو ڀريا روڊ جو رپورٽر سڏجندڙ انسان معروف ته آهي ليڪن اها خبر ته هر ڪنهن کي ناهي ته هن انسان زندگي کي ڪيئن گذاريو آهي. انهن جي بچپن ۾ سندن گذارو صرف هڪ مينهن جي کير تي هوندو هو جنهن سان زنده رهڻ لا عيال جو پيٽ ڀربو هو. پاڻ در در قسمت آزمائڻ لا مختلف سفر ڪيا. ڪڏهن تنگاريون کڻي مزدوري ڪرڻ ته وري ڪڏهن موٽر سائيڪل ڪرائي تي هلائڻ ۽ آئيس ڪريم کپائڻ. پاڻ روشنين جو شهر سڏجندڙ امير شهر ڪراچي جا پيٽ خاطر پنڌ به ڪيا. ليڪن نه ته اهو روشنين جو شهر انهن جي غريب گهر کي روشن ڪري سگهيو نه ئي وري اهو امير شهر انهن جي غريبي کي مٽائي سگهيو. پاڻ ڪراچي ۾ پي سي او تي ڪم به ڪيو ته سيڪيورٽي گارڊ طور ڪم به ڪيو ليڪن نه ئي ڪٿان ڪا خوشحالي جي ڪال آئي نه ئي وري ڪو انسان انهن جو سيڪيورٽي گارڊ ٿيو. 17 سال پهرين زندگي جون ڪيل زيادتيون صحافت طرف کڻي آيون ۽ ايتري عرصي کان هاڻي زندگي هنن سان ناهي پئي راند رهئي پر پاڻ هر پل زندگي سان راند پيا رهن.. ڪهڙو به انساني حقن جو مسئلو هجي يا ظالم ڪيترو ئي پهلوان ڇو نه هجي مگر ڀريا سٽي جو ٖ عوامي آواز اخبار ۽ ٽي وي ٖ پاڪ اخبار جو رپورٽر ٖ ساٿ نيوز جو چيف ايڊيٽر مجيد ڪيريو

ان کي ناهي بخش ڪندو ۽ انکي شڪست ڏيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو آهي.
اسانکي سندس انهن جذبن تي ناز آهي ۽ دعاگو آهيون ته سدائين جيئندا رهن آمين.


مرحوم جان محمد ڪيريو عرف جاني سرهاڙي

​ابتدائي پرورش ۾ پاڻ کي فقير سمجهڻ ۽ سڏائڻ شامل هجي ۽ غريبن کي اذيت نه ڏيڻ هجي.. ۽ خاندان جو بزرگ ويندي ويندي وصعيت ۾ به ڪنهن صوفي جي عمر ڀر پيروڪاري جو چيو ويو هجي.. اهو انسان اگر دنيا جي سڀني غريبن جو همدرد به ٿي وڃي ته ان کي پهرين غريب همدرد نه چئبو بلڪه هڪ فرمانبردار اولاد چوڻ گهرجي ۽ سچو فرمانبردار مخلص به ٿي سگهي ٿو. انکي اهو چوڻ به جائز چئبو ته ان پنهجي عمل سان پنهجي بزرگن کي زنده رکيو. ان لا اهو به چوڻ جائز ٿيندو ته اهو بزرگن جو سچو پيروڪار ۽ سچو عاشق هو. ڪيسابيانيڪا بيت ۾ هڪ فرمانبردار اولاد جي عڪاسي ان ريت ڪئي وئي آهي ته معصوم ڇوڪرو پنهجي والد جي حڪم جي انتظار ۾ شپ ۾ آيل خطري کان پاڻ کي نٿو بچائي پر والد جي فرماني خاطر زندگي وڃائي ويهي ٿو. اهڙن فرمانبردار انسانن ۾ سرهاڙي جي مايه ناز خاندان جو فرزند جان محمد عرف جاني جو ذڪر به ليکيو وڃڻ گهرجي جنهن ان دور ۾ والدين جي فرماني به نه ڇڏي جڏهن حالات خطرن جي طرف هئا ۽ وڙهندو رهيو ..وڳندو رهيو.. هو ته والدين جو فرمانبرداري ۾ زندگي پوري ڪري ويو. مگر ان غريب جي نظر سان ڏسجي جنهن لا خدا کانپوء صرف جاني ئي سهارو هو ته اهو هاڻي اهو سوال ضرور ڪندو هوندو ته وري جاني ڪڏهن انهن جي زندگي ۾ ايندو. وري جڏهن انهن جي زندگين کي ڪو حرام خور کي .. ڪو ظالم. ڪو فرعون .. جڏهن ڏنگيندو ته ڪير بهادر سپاهي جيان انهن لا وڙهندو…؟. هن دنيا ۾ هر انسان هڪ مسافر آهي جنهن کي پنهجي اصل مقام تي ضرور وڃڻو آهي مگر هي فقير مسافر پنهجي زندگي جي سفر ۾ ڪافي سوال ڇڏي ويو آهي. انهن جي اکڙين مان لڙڪ لاڙي ويو آهي جن کي اڪثر اهو اگهندو هو.. انهن کي بي سهارو ڪري ويو آهي جن جو دنياوي سهارو صرف اهو ئي هو. انجو وڇوڙو نه صرف سندس خاندان کي يتيم ڪري ويو آهي بلڪه انهن مظلوم انسانن کي به يتيم ڪري ويو آهي.

سندس جسم کي موت ضرور آيو آهي پر سندس يادن کي شايد ڪڏهن به نه اچي سگهي ۽ سندس نيڪ عمل دلين مان ڪڏهن به نه نڪري سگهن.
سندن فطرتن ٖ عادتن ٖ همدردين ۽ عاجزين تي ناز آهي. دعا آهي ته رب پاڪ سندس اهل وعيال ٖ دوستن ۽ احبانن ۽ عقيدتمندن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي .آمين
ڇا اوهان اهڙي انسان کي مان ڏئي حق ۽ سچ کي فروغ ڏيندا؟ اگر اوهان قدر نه ڪندا ٿا ته وري ڪوئي اوهان لا نه اٿندو ۽ اوهانکي بي قدرو چوندو.


راجا ارشاد ڪيريو سڪرنڊ

سن 2000۾ جسقم پاران ڳوٺَ مجيد ڪيريو سڪرنڊَ ۾ شٽربند هڙتال ڪرائي پئي وئي ته پاڻ رونشي کي ڏسڻ لا ديشين سان گڏ ويا ۽ نتيجي ۾ پوليس ۽ ديشين جي ڇڪتاڻ ۾ زخمي ٿي پيا. ان واقعي تي BBC جهڙي اداري به ٻين ادارن سان ڳڏ ڪوريج ڏني.
شاگردن جو مهرا ڻ يونيورسٽي جي اندر حاضري پوري نه هئڻ جي ڪري سڄو سال پوئتي ڪيو ويندو هو ان پاليسي جي خلاف شاگردن جو آواز بڻجڻ لا اينٽي ٽرم بيڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جو چيئرمين مقرر ٿيا. ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيا.
بردار ۾ تعليم کي فروغ ڏيارڻ لا يونيورسٽي جي شاگردن ملي ڪري هڪ ڪيريا ايڊيوڪيشنل سو سائٽي آرگنائزيشن جو بنياد وڌو ان ۾ راجا ارشاد ڪيريو سان گڏ عبدا لجبار ڪيريو ٖ مير علي ڪيريو ٖ عبد الغفور ڪيريو ۽ ٻيا شامل هئا. جنهن جون چار گڏجاڻيون ڪوٺرايون ويون جن ۾ سنڌ جي مختلف وسندين کان بردار جي معززن شرڪت ڪئي. پاڻ ان تنظيم جي ڪيبنٽ ۾ به وائيس پريزيڊنٽ طور پنهجو ڪردار سر انجام ڏنو.
پاڻ سندن سياسي ڪيريئر جو آغاز 2015 کان ڪيو آهي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا ميمبر آهن. جيتريقدر پاڻ سماجي بهتري لا ماضي جيان جدو جهد ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا. مگر اڃان سياسي ميدان ۾ ڪو اهڙو موقعو ناهي مليو پر خواهش آهي ته عوام جي خدمت ڪري سگهن.
اوهان کي راجا ارشاد ڪيريو جو ڪردار و شخصيت ڪيئن لڳي ؟ مثبت ڪمينٽ ڪري محبت ۽ عزت کي فروغ ڏيڻ ۾ ساٿ ڏيو.


آفتاب ڪيريو وليج قبول ڪيريو

ڪجه انسان اهڙا هوندا آهن جن جي شخصيت ۾ ايتري ته سچائي هوندي آهي جو لفظ به انهن جي شخصيت کي ڀيٽڻ لا ڪافي ناهن هوندا. مگر وري به انهن جي حوصلا افزائي خاطر ڪجه جملن جو سهارو وٺڻو ٿو پوي ۽ انهن جي لا دل ۾ پيدا ٿيل تاثرات کي دل کان ٻاهر ڪڍڻو ٿو پوي. آئون جڏهن ڳوٺ قبول ڪيريو سان تعلق رکندڙ نوجوان جي محنت کي ڏسندو آهيان ته دل باغ و بهار ٿي ويندي آهي ۽ آرزو پيدا ٿيندي آهي ته ڪاش هر سنڌ واسي تعليم ٖ شعور ۽ سماجي خدمتن تي زور ڏئي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن سنڌ ڌرتي جنت جيان لڳندي جتي محبت ٖ قرب ۽ ھڪ ٻئي جا هڏو ڏوکي انسان هوندا. جتي نه ته ڪنهن مسجد ۽ مندر تي ۽ نه ئي وري ڪنهن قلندر جهڙي نگري تي دهماڪا ڪيا ويندا. نه ئي ڪنهن معصوم نياڻي سان زيادتي ڪئي ويندي نه ئي ڪنهن عورت کي عزت جي نالي قتل ڪيو ويندو. پر صرف ۽ صرف شڪر هوندو ٖ صبر هوندو ٖ موجون هونديون.
ڳوٺ قبول ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان سان تعلق رکندڙ آفتاب ڪيريو اهو نوجوان آهي جنهن نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان پنهجي علائقي جي ماڻهن جي تعليم جي حوالي سان خدمت ڪئي ۽ گڏو گڏ غريب ۽ اٻوجه ماڻهن جي انهن حالتن ۾ مدد ڪئي جڏهن قدرتي آفتن . انهن جي زندگين کي ايترو متاثر ڪيو جو روڊ رستا به پاڻي جي لپيٽ ۾ ھئا.
ڪيريو دنيا سندس ڪيل خدمتن کي سرخ سلام پيش ڪري ٿي ۽ گڏو گڏ دعاگو آهي ته مولا سائين سدا سلامت رکين. آمين.


سردار گل حسن ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان

ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ قبول ڪيريو جو حقيقي خانداني سردار گل حسن ڪيريو هڪ اهڙي شخصيت جو فرزند آهي جيڪا پنهجي وقت جي بادشاه هئي ٖ ان شخصيت جي وقت ڪنهن به غير کي اها اجازت نه هوندي هئي ته اهو ڳوٺ قبول ڪيريو جي رعيت تي ظلم ڪري يا ڪو ٻيو ان ڳوٺ واسي سان ناجائزي ڪري. سندن والد مرحوم محمد عثمان جو اهو روب به رهيو ته ڪنهن به ڳوٺ واسي تي ڪو ڪيس به اگر ٿيو هو ته پوليس کي به ايتري.جرئت نه هوندي هئي ته ڳوٺ ۾ داخل ٿي سگهي.

جيتريقدر سردار گل حسن ڪيريو ان مرحوم ھستي جو اولاد جي حيثيت سان هتي جي ڪيريو بردار ۾ تمام گهڻي عزت ۽ اهميت رکن ٿا ۽ ويجهيون برداريون به انهن تي اعتماد ڪن ٿيون. پاڻ ڪافي عرصي کان سياسي و سماجي سرگرمين ۾ به پنهجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ موجوده وقت ۾ پنهجي يونين ڪائونسل جي عوامي و ترقياتي مسئلن تي سنجيدگي سان قدم کڻي رهيا آهن.
دعا آهي ته رب پاڪ سردار گل حسن ڪيريو کي همت ڏي ته والدين جي نقش قدم تي هلي انهن جي وڇوڙي کان پوء پيل خالن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪن. آمين.
اوهانکي سردار گل حسن ڪيريو جي شخصيت ڪيئن لڳي. مثبت ڪمينٽ ڏئي حوصلا افزائي ڪندا.


A poor youth having devotion for mankind

​پنهجي علائقي ۾ ڊاڪٽر نويد احمد ڪيريو سڏجڻ ۾ پاڻ به شرم محسوس ڪري ٿو ۽ نويد نورل سڏجڻ چاهي ٿو. نويد نورل جي حقيقي ڪهاڻي اسان جي سماج جي پوئتي پيل علائقي جي فردن جي واضع عڪاسي ٿي ڪري. ڳوٺ مجيد ڪيريو جي اوڀر سائيڊ ۾ هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود ڳوٺ رسول بخش ڪيريو جو هي رهواسي مئٽرڪ پاس آهي ان تعليم دوران ڪافي قسم جون مزدوريون جن ۾ ڪيلا کپائڻ ٖ تغاري ڪرڻ ٖ لابارا ڪرڻ شامل هيون. نويد ڪيريو اعلي تعليم جو جنون ۽ خواب رکندي به معاشي مسئلن جي ور چڙهي ويو ليڪن پاڻ پنهجي ٻن ڀائرن کي تعليم يافته بنائڻ لا جدو جهد ڪري رهيو آهي. پاڻ ڳوٺ جي ڊولپمينٽ اداري ۾ ڪم ڪيو ۽ انکان پو۽ گورنمنٽ پاران WWF ٽريننگ ڪئي ۽ سرٽيفيڪٽ پڻ حاصل ڪيا.

پاڻ پنهجي علائقي ۾ جانورن جو علاج ڪندا آهن ۽ سندس معاشري ۾ خدمتن جي بدولت عزت ڪمائين اٿن صرف. پاڻ زندگي جي دردن جو اظهار شاعري ۽ ڪهاڻين ۾ ڪندا آهن. سندس تخليقون سنڌو ڊائجيسٽ ۾ پڻ شايع ٿيون آهن. ۽ موجوده ڏينهن ۾ پنهجي جذبن جو اظهار ڪرڻ لا سندن تخليقي ڪم جاري آهي..

ڇا بيرون ملڪ ۾ محنت و مزدوري ڪرڻ وارن کي معززن جا خطاب ۽ سنڌ جي ڌرتي کي سر سبز ڪرڻ واري کي سواء دربدري ۽ ٺوڪرن جي هي معاشرو ڪجه به نٿو ڏي؟

حق حلال جو پورهيو ڪرڻ واري کي ته خدا به دوست بنايو آهي پوء ڇو سماج انهن سان دشمناڻو رويو رکيو آهي؟“

ڇا ڪو غريب جو ٻار معاشري جي ماڻھن جي خدمت ڪندو آهي ته اهو صرف سٺو آهي ٖتائين ئي محدود رهجي ويندو آهي جڏهن ته دولتمند جو ٻار هيرو ۽ اڳواڻ ۽ وڏن وڏن خطابن سان نوازيو ويندو آهي.

مرحو م خير محمد ڪيريو ٽنڊو محمد خان

​هڪ اها شخصيت جنهن لا دنيا چيو ته ان جهڙو انسان وري شايد ڪڏهن به نه پيدا ٿي سگهي. هو اهو انسان هو جنهن جيترو به وس هوندو هو اهو هلائي ٻين جي مسئلي کي حل ڪرائيندو هو. تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد کان وٺي ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن جو سفر ڪندڙ انسان پنهجي هر پوسٽنگ تي اهڙو ڪردار ادا ڪري ٻين لا مثال ڇڏيو ۽ هر ڪنهن جو آئيڊيل بنجي ويو. هي انسان ان ڳوٺاڻي ماحول سان تعلق رکندو هو جتي اندهيرن ۽ جهالت جو راڪاس هوندو هو ۽ تعليمي شعور نه هو. ليڪن انجي باوجود به ڪنهن غريب خاندان سان تعلق هئڻ جي ناتي به تعليم حاصل ڪيائين. جنهن ۾ ماسٽرز آف اڪنامڪس ٖ ايم ايڊ ايڊيوڪشن ٖ بيچلر آف يوناني ميڊيسن جهڙيون ريگولر ڊگريون حاصل ڪيائون. پاڻ عوام کي تعليمي ٖ سماجي ۽ سياسي شعور ڏنائون.. مختلف علائقن ۽ زاتن سان واسطو رکندڙ غريب انسانن جي اولاد کي مائٽاڻو رشتو ڏئي انهن جي مدد ڪندو هو ۽ پوئتي پيل علائقن کي بنيادي سهوليتون ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ جنهن علائقي ۾ رهندا هئا ان علائقي کي گهر ويٺي تعليم يافته بنائڻ لا سرڪاري اسڪول جو سهوليتون ورتيون جن ۾ نه صرف شاگرد بلڪه شاگردياڻين لا الڳ الڳ اسڪول قائم ڪرايا. پاڻ تعليم کاتي جا قابل فخر آفيسر مڃيل هئا ۽ اصولن جي معاملي ڪڏهن به ڪنهن سان سمجهوتو نه ڪندا هئا. پاڻ اهئي واحد آفيسر رهيا جن نه ته بنگلو ٺاهيو نه ڪار خريد ڪئي ۽ نه ئي وري ڪا زمين خريد ڪئي پنهجي نوڪري جي دوءران. پاڻ اهئي آفيسر رهيا جو انهن جي آفيس جا دروازه هر غريب لا کليل رهندا هئا ۽ هر آيل اٻوجه کان اٻوجه انسان جي مهمان نوازي ڪندا هئا ۽ پنجهائپ جو احساس ڏيندا هئا. سندن زندگي هميشه ٻين لا وقف رهي اگر ڪو پري کان آڌي رات جو آفيشل ڪم لا ايندو هو ته به پاڻ اٿندا هئا ۽ ڪو روڊ تي ڪو ڪم کڻي ايندو هو ته به انجو ڪم ڪندا هئا. پاڻ پنهجي زندگي جي آخري دم تائين به ٻين لا ڪم ڪيو.

اگر اوهان کي ان مرحوم هستي جو نيڪ عمل پسند اچي ته ان لا دعا ڪجو ۽ اگر اوهان وٽ انهن جي ڪا ياد آهي ته اسان سان شيئر ڪريو اوهان جا لک ٿورا ٿيند

By Ghulam shabir hala

​محترم چاچا محمد فقير ڪيريو . ڳوٺ محمد حسن ڪيريو تعلقه هالا. (سهيڙيندڙ . غلام شبير ڪيريو ). محمد فقير ڪيريو جي پيدائش 1898ع 1319 هجريءَ ۾ ڳوٺ محمد حسن ڪيريو لڳ هالا نوان ۾ ٿي هن وقت سندس عمر 118 سال آهي پر ماشالله هن وقت به بنا نظر جي چشمي جي قران شريف جو روزانه دور ڪري ٿو 5 وقت نماز پڙهي ٿو گڏو گڏ ڌاڳو ڦيڻو به ڪري ٿو

ڀر پاسي جا اڪثر اٻوجهه ۽ سادا ماڻهو وٽس پنهنجا مسئلا موجهارا حل ڪرائڻ لاءِ ڌاڳو ڦيڻو وٺڻ ايندا رهندا آهن بقول سندس ته هو صرف قران شريف جي آيت پڙهي ڏيندو آهي بس الله جي ڪرم سان ماڻهن کي شفا ملي ٿي انهن کان مليل نذراني مان في سبيل الله نلڪو وغيره لڳرائيندو آهي پنهنجي ذات تي هڪ رپيو به خرچ نه ڪندو آهي

سندس صحت جو راز پڇڻ تي هو ٻڌائي ٿو ته هيئر چانهه ماڻهن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي جيڏانهن وڄ چانهه ئي چانهه آهي اسان جي دور ۾ چانهه ڪون هوندي هئي اها انگريزن هتي عام ڪئي سچا گيهه، کير، لسي، مکڻ کائيندا هئاسين تڏهن ڊالڊا وغيره ڪون هوندو هو ۽ گهرن ۾ روزانو ڀاڄي ٺاهڻ جو رواج ڪون هوندو هو سادگيءَ سان رهندا هيا سين

زندگي ۾ ڪوڙ ڪون ڳالهايو 1991 ۾ پنهنجي اوطاق مان ڌاڙيل هٿان اغوا ٿيو ۽ ساڍا چار مهينا انهن وٽ يرغمال رهيو پر اتي به نماز باقائدگيءَ سان پڙهندو هو غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري پنهنجي محنت مزدوري سان پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ پاليو جنهن وقت ۾ گاڏيون اڃان عام ڪون ٿيون هيون ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کي ملائڻ لاءِ روڊ ۽ رستا نه ٺهيا هيا سواريءَ جو ذريعو فقط اٺ ۽ ڍڳي گاڏيون هونديون هيون ان وقت ۾ اٺ سواريءَ طور هلائيندو هيو ۽ ماڻهن کي سفري سهولت مهيا ڪندو هيو زندگيءَ جو ڪافي عرصو ان ڪرت ۾ گذاريائين ساروڻيون بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته هالا کان ڪنهن ٻئي شهر ڏانهن ڪنهن کي وڃڻو هوندو هيو ته پهرين ٽنڊو آدم اسٽيشن تي وڃڻو پوندو هو اتان لاهور ميل نالي ريل گاڏي گذرندي هئي آئون سج اڀري هالا مان اٺ تي سواري کڻي نڪرندو هيس ٻنپهرن جو ٽنڊو آدم اسٽيشن تي پهڇي ويندو هيس سوا رپيه ڪرايو ملندو هيو اگر ٻه ماڻهو هوندا هئا ته انهن کي اٺ جي پاکڙي ۾ ويهاري پاڻ پنڌ هلندو هيس سستائي جو زمانو هوندو هيو هڪ رپئي ۾ ڏهه سير سٺا سڳداسي چانور ملندا هيا هڪ رپئي سير ڳائو گيهه اٺ آنه سير کنڊ ملندي هئي

ٻڌائي ٿو ته مخدوم طالب المولا صاحب جن جي پيدائش وقت منهنجي عمر اوڻيهه يا ويهه سال هوندي ان جي پيدائش مهل مٺائي ورهائي هئائون اها کائڻ اسان هالا ويا هئا سين اهو به چٽي طرح ياد آهي

هڪ ٻيو واقعو ٻڌايائين ته جڏهن رئيس رسول بخش ڪيريو(مرحوم) ڄائو هو ته سندس والد رئيس تاج محمد مرحوم ان جو عقيقو ڪيو تمام وڏي خيرات ڪئي جنهن ۾ هڪ ڍڳو ڍولو مگسي به ڏنو ڍڳو ويڙهو هيو ڪنهن کي به وٺ ڪان پي ڏنائين پوءِٰ مون ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن ان کي قابو ڪري سير ڏني

مخدوم طالب المولا جن جڏهن به شڪار لاءِ نڪرندا هئا ته سندن لاءِ پاڻي جو مَٽُ کڻي هلڻ جي ڊيوٽي مونتي رکيل هئي ۽ ڪافي عرصو اهو سلسلو هلندو رهيو مخدو طالب المولا جي والد جي به ڪافي سالن تائين حاضريءَ ۾ رهيو

سکر بئراج ٺهڻ وقت ان جي روهڙي ڪئنال تي ڪافي ڏينهن مزدوري به ڪئي چار آنه مزدوري ملندي هئي ان وقت عمر ٽيهه يا پنجٽيهه جي لڳ ڀڳ هئي

گڏوگڏ هارپو به ڪيائين بقول سندس ته ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کان اڳ آب ڪلياڻيءَ جي مند ۾ جڏهن واهڙ وهي ايندا هيا ته نارن ذريعي فصلن کي پاڻي ڏيندا هئاسين سال ۾ هڪ فصل ٿيندو هيو پوري سال جو اناج وغيره ان مان ئي ملندو هيو سکر بئراج ٺهڻ کان پهريائين ڪڻڪ جو فصل ڪون ٿيندو هيو سڄو سال جوئر، ٻاجهر ۽ ڳاهڙي جي ماني کائيندا هئاسين ٻين فصلن ۾ ڦٽي، مُنڱ ، تِر ، گوار ٿيندا هئا برڪتون هونديون هيون هندو مسلمان گڏ رهندا هئا انگريزن جي دور ۾ قانون جي بالا دستي هوندي هئي چوري ڌاڙا گهڻا ڪون هوندا هيا هڪ همراه ذات جو ماڇي هيو تنهن کي پنج ڪلو ڦٽين جي چوري ثابت ٿيڻ تي پنج سال سزا ملي هئي گهڻو ڪري تنهن دور جا ماڻهو امن سان رهندا هيا هيئر نفسا نفسي لڳي پئي آهي

هر مهيني جي پهرين سومر تي مانجهند کان سنڌو دريا رستي ٻيڙي پاهڙ واهه مان ٿيندي هالا شهر جي وچ ( هيئر جتي ايس ڊي ايم جي آفيس آهي) تائين ايندي هئي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجا ڍور پڙي ۾ کڻي ايندا هيا

ڀڳت ڪنور رام سان به ڪچهريون ڪيائين سندس چوڻ مطابق ڀڳت ڪنور رام مهان انسان هيو غريبن جو همدرد هيو پوءِ اهو ڀلي هندو هجي يا مسلمان ڀڄن ڳائڻ وقت جيڪي به پئسا ملندا هئس آخر ۾ مٺيون ڀري غريبن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيندو هو پاڻ ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعي ڀڳت ڪنور رام ٻنڌ شهر ( ڀاڻوٺ جي ڏکڻ اولهه طرف وڏو ۽ پراڻو شهرهيو دريا جي پائڻ جي ڪري اجڙي ويو) ۾ آيو ته هڪ همراهه مونکي اچي چيو ته ڀڳت ڪنور کي اسٽيشن پهچائڻو آهي آئون اٺ ڪاهي اتي پهتس ته مون ڏٺو ته ڀڳت قران شريف پڙهي رهيو هيو

راضي فقيرلاشاريءَ (پنهنجي وقت جو مشهور شاعر ۽ درويش) سان دوستي هوندي هيس ٻئي هم عمر هيا ان جا ڪافي بيت ياد اٿس

هالا کان حيدرآباد وارو روڊ جڏهن ٺهي بس ٿيو ته پهرين گاڏي(بس) هالا جي محمد عثمان ميمڻ هلائي هئي

فصل لهندو هيو ته ڦٽين جا پئسا سيٺ کان وٺي لليچن جي ڊپ کان سوتليءِ واري ٻوري پالڪ ۽ پنيري بصر سان ڀري وچ ۾ پئسا وجهي وڏيري محمد حسن ڪيريو( غلام محمد ڪيريو جو والد) کي حيدرآباد (فقير جو پڙ) تي پهچائڻ ويندو هيس ان وقت هالا کان حيدرآباد بس جو ڪرايو اَٺ آنه هوندو هيو ان سان گڏ ٻيون به ڪافي ڳالهيون ۽ تنهن دور جا واقعا ياد اٿس

تر ۽ برادريءَ جي ماڻهن لاءِ هلندر ڦرندڙ انسائيڪلو پيڊيا آهي

ڌڻيءَ در دعا آهي ته صحت سلامت هجيس ايئن ئي پنهنجي همت سان هلندو گهمندو رهي آمين۔

Bahar ud din Keerio , A Honest Police man

​بهادر الدين ڪيريو ; پوليس کاتي سان وابسته اهو انسان جنهن پنهجي نوڪري تقريبن سنڌ جي ڪافي گهڻن علائقن ۾ سرانجام ڏني انهن علائقن ۾ مختلف شهرن جهڙوڪ ڪشمور ٖ ڪنڌ ڪوٽ ٖ اوٻاڙو ٖ گهوٽڪي ٖ پنو عاقل ٖ شڪارپور ٖ جهرڪ ٖ سجاول ٖ مير پور بٺورو ۽ جيڪب آباد شامل آهن ۽ موجوده وقت ۾ سندن فرض بحيثيت ايس اڇ او باڊه ٖ تعلقه ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو ۾ ادا ڪري رهيا آهن .پاڻ پوليس کاتي ۾ بحيثيت ASI سال 1992 ۾ ڀرتي ٿيا جڏهن ته انکان پهرين واپڊا کاتي ۾ لائن مين جي حيثيت سان چار کان پنج سال نوڪري به ڪيائون
پاڻ پنهجي والدين جا اڪيلا فرزند هئا ۽ سندن ابتدائي تعليم و پرورش وقت سندن والد جو تعلق هڪ مڊل ڪلاس جي گهراڻي سان هو ۽ گريجوئشن تائين تعليم حاصل ڪيائون.
پاڻ هڪ سئو گهرن تي مشتمل قديمي ڳوٺ پيرو لکمير ڀرسان ايئرپورٽ ڪالوني يونين ڪائونسل نمبر چار( 4) سان تعلق رکن ٿا.۽ سندن ڳوٺ نوابشاه کان ڏيڊ کان ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.. سندن ڳوٺ بنيادي سهوليتن سان فيضاب آهي ۽ تعليم حوالي کان به پوئتي پيل ناهي.
پوليس کاتي جي هن ملازم هميشه دوستن و احبابن سان سماجي رابطن کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس کاتي ۾ رهي ڪري هڪ صوفي انسان ٿي رهيو بلڪه نه شراب نه شباب ۽ نه ئي ڪنهن نشي جو عادي ٿيو.. هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ هئڻ سان گڏو گڏ هڪ بهترين والد به ثابت ٿيو. پنهجي اولاد جي تعليم و تربيت تي خاص توجه ڏنائون ۽ سندن هڪ فرزند عبدا الحميد ڪيريو لوڪل گورنمنٽ ۾ ميهڙ ۾ بي پي ايس 16 جو ملازم آهي ٖ ٻيو فرزند مرتضي ڪيريو ٖ جن يونيورسٽي آف سنڌ مان BCS , M.A (Sociology ) ۽ LLB سيڪنڊ ايئر جا شاگرد آهن ۽ ٽيو فرزند سجاد احمد جيڪو انٽر (پري انجنيئرنگ )پنجاب گروپ آف ڪاليجز حيدر آباد ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
سندن حقيقي ڪهاڻي ان ڳاله جو ثبوت ڏئي رهي آهي ته انسان جو ايمان مظبوط هجي ۽ مخلص هجي ته سماجي برايون انسان تي حاوي نٿيون ٿي سگهن .
اوهان کي سندن شخصيت ڪيئن لڳي ؟

Lecturar Shafiq Ahmed Keerio, Inspirational Success story

محترم شفيق احمد ڪيريو جو جنم ڳوٺ قبول ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان .سان تعلق رکندڙ هڪ هاري مير محمد ڪيريو جي گهر ۾ ٿيو ۽ کين ابتدائي تعليم جي لا گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول تاج محمد ڪيريو ۾ داخل ڪيو ويو انکان پوء اٺين ڪلاس تائين ڳوٺ قبول ڪيريو جي مڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو جنهن جو موجوده نالو گورنمنٽ ڪيمپس اسڪول قبول ڪيريو آھي. کين مئٽرڪ جي تعليم جي لا مالي وسائل گهٽ ھئڻ جي باوجود به ٽنڊو محمد خان شھر جي مايه ناز و معروف اسڪول. دارالعلوم هاء اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ انٽرميڊيٽ تعليم لا مخدوم بلاول ڪاليج ٽنڊو محمد خان ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ انکان پو۽ يونيورسٽي تعليم جو انتهائي گهڻو شوق هئن جيتريقدر سندن والدين جا ايترا وسيلا نه هئا.پر شفيق ڪيريو اهو نوجوان آھي جنهن جفاڪشي ۽ جدو جهد کي جاري رکيو هر گهڙي يونيورسٽي جي تعليم پوري ٿيڻ تائين هي نوجوان قبول ڪيريو کان ڄامشورو جي سفر کي ڪئين طئي ڪندو هو اهو بهادري جو مظاهرو آھي. پاڻ روڊ تان اجنبين کان لفٽ وٺي بغير ٽڪيٽ جو سفر طئي ڪيو ۽ حيدر آباد ۽ ڄامشوري جهڙي اجنبي شھر ۾ ڪڏهن ڪنهن دوست وٽ ته ڪڏھن ڪنهن دوست وٽ رهائش ڪري به وقت کي ٽاريندا هئا.. تاريخ ۾ اهئي ڏينهن اڄ به زنده آھن ته پاڻ طعنا به برداشت ڪيا مگر همت نه هاري. پاڻ اڄ باٽني سبجيڪٽ جا ڪميشن جي امتحان جي ذريعي ليڪچرار آھن ۽ موجوده وقت ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچي ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آھن. سندن ۽ سندس والدين جي جدوجهد کي سرخ سلام آهي ۽ اها جدوجهد ايندڙ نسل جي لا مثبت تحرڪ آھي ته وسائل نه هئڻ جي باوجود به انسان ڪوششن سان ڪاميابي حاصل ڪري
اوهانکي ڪيئن لڳي هڪ حقيقي ڪهاڻي ؟؟؟؟

Baba Ashiq Sain Keerio , Bhiria Road

A Sufi and Spiritual Healer of Bhiria road , District Noshehro Feroz , Treated the People In Untreatable Sufferings like Cancer, Polio etc. He Used To recite on Water and Oil to make the medicine for various ailments that worked wonderfully!!

Baba Ashiq Sain Was Not Much Educated he Just Passed the 4 th Class From his Native Village being not interested in accadmic education he left studying further in Khowja Gardan School of Nawabshah. But Had Interest of Spiritual Knowledge, Poetry and Devotion With Sufism.

Baba Ashiq was bring up at the age of 12 years by his Father’s Sister in Bhiria , She not only Nourished him but also trained him.

Baba Ashiq was married and had gifted a daughter. later on his wife and daughter was died. After their death he did not perferred the further marriage. he took the son of his paternal cousin for bringing up named Muhammad Ayoub Keerio . He conveyed his spirit of knowledge to Muhammad Ayoub.

Paralysis Diseases has suffered him severely he remained in the disease for longterm. In Such unfortunate days of life His called Son Muhammad Ayoub Cared Him.It was honour for Muhammad Ayoub to serve his responsibilty.

<a href="http://www.usalistingdirectory.com/index.php?

Wednesday, May 24, 2017

فيصل ڪيريو آرگنائيزر چوٽياريون شريف وليج مقرر

فيصل ڪيريو کي ڪيريو ورلڊ آرگ جو وليج چوٽياريون شريف جو آرگنائيزر مقرر ڪجي ٿو.

Tuesday, May 23, 2017

فيصل ڪيريو آرگنائيزر چوٽياريون شريف ضلع سانگهڙ مقرر

ڪيريو ورلڊ هڪ منظم ۽ با ظابطه طريقي سان برادري جي اندر فلاحي ڪم کي اڳيان وڌائڻ لا ڳوٺ چوٽياريون شريف ضلع سانگهڙ جو آرگنائيزر محترم فيصل ڪيريو کي مقرر ڪيو آهي. منتخب آرگنائيزر کي هدايت ٿي ڪجي ته پنهجي علائقي جي ماڻهن جي هڪ ميٽنگ ڪوٺرائي مشاورت سان ڪابينه مڪمل ڪري.

Sunday, May 21, 2017

Sardar Abdul Sattar Keerio

A Personality of Pakistan , Called & Believed as a Sardar by the People from the Children to aged in the tribe as well as out of the tribe. He is Settled in Shaeed Benazir Abad District He is Worthy of a Unique Nature. He is devoted of Sufism, Simplicity , Service , Peace , Prosperity and Humanity. He has Participated in Politics and his contribution to the Asia continent’s best Politician Shaheed Benazir Bhutto is remarkable. He has always supported the Pakistan Peoples Party at each moment of life.

His Followers have always accepted his order heartily. He is worthy of many best qualities, but i still remember his one quality which i saw in him when i met him in person at the age 10 years in a huge gathering which he used to call of whole tribe people from the country. in which the most educated , genius , and wise people used to participate. Where all the tribe fellows get introduced with each other and enhance the relations within the tribe. He used to address their to the tribe people and instruct the people to be in peace , friendship, love and humanity with other tribe people. Most of the people used to Say Slogan in Local Sindhi Language ” Jeay Sardar Abdul Sattar Keerio” I noticed their the most highly educated and genius people of the tribe used to say that slogan which was seems me that people are saying it heartily but not as people almost say for a big political leaders in their own interest. His inspiring addresses in the huge gathering motivated people to follow his philosophy of peace , love , friendship and humanity. Most of the Genious People of the tribe are still following his philosophy.

People of the keerio Tribe are used to get help in their agony from the Sardar Abdul Sattar Keerio , The Cheif of Keerio Tribe. He has Always helped the most of the people in their frustration. That is why the Poors and needy Proud on him.

Friday, May 5, 2017

ڪيريو ورلڊ ويب سائيٽ جا مسئلا ۽ ڪاميابيون

آئون بظاط خود ويب ڊزائينر ۽ ڊولپر نه هئس شروعات ۾ هڪ ڊولپر کان ٿوري رهنمائي هئي ۽ گوگل جي آرٽيڪلز مان ويب ڊزائين ۽ ويب سائيٽ ۾ ايندڙ مسئلن جي حل لا مون پنهجو ڪافي وقت لڳايو هو. مونکي ياد آهي ته 2013 ۾ ويب سائيٽ ۾ ھڪ مسئلو آيو جو سڄي اسڪرين بلينڪ ٿي وئي ۽ مون ويب انجنيئر سان رابطو ڪيو ته ان پنج هزار روپين جي گهر ڪئي. ليڪن جڏهن ته هي اهو ڪم هو جنهن کي هر وقت فنڊ جي ضرورت هئي ۽ مون نه چاهيو ته ڪنهن کان مدد وٺان ۽ وري مستقبل ۾ طعنا برداشت ڪرڻا پون ماڻهن جا. ويب انجنيئر مونکي اهو چيو ته ً ڊاڪٽر صاحب اوهان ويب انجنيئر ناهيو هي ڪم اوهان کان نه ٿي سگهندو ً. ليڪن مون وري به همت نه هاري ۽ ويب ڪوڊس کي سمجهيوٖ مونکي ائين لڳي رهيو هو ته ويب سائيٽ به هڪ مشين آهي جنهن جي اندر ۾ وائرنگ هوندي آهي. بحر الحال ان وقت جي محنت سان مون سائيٽ کي واپس شڪل ۾ بيهاريو. ۽ ان انجنيئر کي فون ڪري چيو ته اوهان ڏسو سائين مسئلو حل ڪري چڪو آهيان. پوء اهو شرمسار ٿيو ۽ منهجي صلاحيتن جو اعتراف ڪرڻ لڳو. مون ڪافي قسم جا تجربا ڪيا جن ۾ انٽرنيٽ تي موجود مشهور ويب سائيٽس تي مواد لکڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن اڪثر اوقات انهن مواد جي ڪمين و پيشين ۽ اصولن جي باري ۾ اگاه ڪيو مونکي. جيتريقدر انهن مان منهجي رائيٽنگ اسڪلز جي معيار ۾ اضافو ٿيو. مون ۾ هي قابليتون صرف هن ڪيريو ورلڊ مان آيون. مون هن کي هڪ سکيا جي عمل سان ڏٺو هميشه.

هن حقيقي اکاڻي مان اهو سبق ڏيڻ چاهيان ٿو ته جدوجهدون رائيگان نٿيون وڃنن جيسين تائين انسان پاڻ شڪست کي قبول نه ڪري.

Monday, May 1, 2017

Irfan Khan Keerio , Chicago , USA

مايه ناز خاندان ٖ غريب همدرد ٖ صوفين جي پيروڪار خاندان ٖ سرهاڙي جي معزز انسان رئيس مرحوم نور محمد ڪيريو جي فرزند رئيس خان محمد ڪيريو جن جو فرزند عرفان خان ڪيريو 15 فيبروري سن 1986 ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم گرين لينڊ پبلڪ اسڪول ڪراچي مان حاصل ڪيائون ۽ انٽرميڊيئٽ DHA ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪيائون. پاڻ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان B.E ( Civil Engineering ) جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپو۽ BBA جي ڊگري اقرا يونيورسٽي ڪراچي مان حاصل ڪيائون انکانپوء اسڪالرشپ جي بنياد تي پاڻ يونيورسٽي آف ڪيسٽل لنڊن مان MBA ( Finance ) جي تعليم حاصل ڪيائون ۽ موجوده وقت ۾ پاڻ فنانس مئنيجر آهن آمريڪا جي شهر شڪاگو جي هڪ نجي ڪمپني ۾..
پاڻ هڪ باصلاحيت ۽ قابل انسان آهن. دعاگو آهيون ته هميشه ڪاميابي و ڪامراني حاصل ڪن ۽ سدا سلامت رهن.

اوهانکي سندن شخصيت ڪيئن لڳي ؟ مثبت ڪمينٽ ڏئي محبت کي فروغ ڏيندا.