Sunday, May 28, 2017

By Ghulam shabir hala

​محترم چاچا محمد فقير ڪيريو . ڳوٺ محمد حسن ڪيريو تعلقه هالا. (سهيڙيندڙ . غلام شبير ڪيريو ). محمد فقير ڪيريو جي پيدائش 1898ع 1319 هجريءَ ۾ ڳوٺ محمد حسن ڪيريو لڳ هالا نوان ۾ ٿي هن وقت سندس عمر 118 سال آهي پر ماشالله هن وقت به بنا نظر جي چشمي جي قران شريف جو روزانه دور ڪري ٿو 5 وقت نماز پڙهي ٿو گڏو گڏ ڌاڳو ڦيڻو به ڪري ٿو

ڀر پاسي جا اڪثر اٻوجهه ۽ سادا ماڻهو وٽس پنهنجا مسئلا موجهارا حل ڪرائڻ لاءِ ڌاڳو ڦيڻو وٺڻ ايندا رهندا آهن بقول سندس ته هو صرف قران شريف جي آيت پڙهي ڏيندو آهي بس الله جي ڪرم سان ماڻهن کي شفا ملي ٿي انهن کان مليل نذراني مان في سبيل الله نلڪو وغيره لڳرائيندو آهي پنهنجي ذات تي هڪ رپيو به خرچ نه ڪندو آهي

سندس صحت جو راز پڇڻ تي هو ٻڌائي ٿو ته هيئر چانهه ماڻهن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي جيڏانهن وڄ چانهه ئي چانهه آهي اسان جي دور ۾ چانهه ڪون هوندي هئي اها انگريزن هتي عام ڪئي سچا گيهه، کير، لسي، مکڻ کائيندا هئاسين تڏهن ڊالڊا وغيره ڪون هوندو هو ۽ گهرن ۾ روزانو ڀاڄي ٺاهڻ جو رواج ڪون هوندو هو سادگيءَ سان رهندا هيا سين

زندگي ۾ ڪوڙ ڪون ڳالهايو 1991 ۾ پنهنجي اوطاق مان ڌاڙيل هٿان اغوا ٿيو ۽ ساڍا چار مهينا انهن وٽ يرغمال رهيو پر اتي به نماز باقائدگيءَ سان پڙهندو هو غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري پنهنجي محنت مزدوري سان پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ پاليو جنهن وقت ۾ گاڏيون اڃان عام ڪون ٿيون هيون ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کي ملائڻ لاءِ روڊ ۽ رستا نه ٺهيا هيا سواريءَ جو ذريعو فقط اٺ ۽ ڍڳي گاڏيون هونديون هيون ان وقت ۾ اٺ سواريءَ طور هلائيندو هيو ۽ ماڻهن کي سفري سهولت مهيا ڪندو هيو زندگيءَ جو ڪافي عرصو ان ڪرت ۾ گذاريائين ساروڻيون بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته هالا کان ڪنهن ٻئي شهر ڏانهن ڪنهن کي وڃڻو هوندو هيو ته پهرين ٽنڊو آدم اسٽيشن تي وڃڻو پوندو هو اتان لاهور ميل نالي ريل گاڏي گذرندي هئي آئون سج اڀري هالا مان اٺ تي سواري کڻي نڪرندو هيس ٻنپهرن جو ٽنڊو آدم اسٽيشن تي پهڇي ويندو هيس سوا رپيه ڪرايو ملندو هيو اگر ٻه ماڻهو هوندا هئا ته انهن کي اٺ جي پاکڙي ۾ ويهاري پاڻ پنڌ هلندو هيس سستائي جو زمانو هوندو هيو هڪ رپئي ۾ ڏهه سير سٺا سڳداسي چانور ملندا هيا هڪ رپئي سير ڳائو گيهه اٺ آنه سير کنڊ ملندي هئي

ٻڌائي ٿو ته مخدوم طالب المولا صاحب جن جي پيدائش وقت منهنجي عمر اوڻيهه يا ويهه سال هوندي ان جي پيدائش مهل مٺائي ورهائي هئائون اها کائڻ اسان هالا ويا هئا سين اهو به چٽي طرح ياد آهي

هڪ ٻيو واقعو ٻڌايائين ته جڏهن رئيس رسول بخش ڪيريو(مرحوم) ڄائو هو ته سندس والد رئيس تاج محمد مرحوم ان جو عقيقو ڪيو تمام وڏي خيرات ڪئي جنهن ۾ هڪ ڍڳو ڍولو مگسي به ڏنو ڍڳو ويڙهو هيو ڪنهن کي به وٺ ڪان پي ڏنائين پوءِٰ مون ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن ان کي قابو ڪري سير ڏني

مخدوم طالب المولا جن جڏهن به شڪار لاءِ نڪرندا هئا ته سندن لاءِ پاڻي جو مَٽُ کڻي هلڻ جي ڊيوٽي مونتي رکيل هئي ۽ ڪافي عرصو اهو سلسلو هلندو رهيو مخدو طالب المولا جي والد جي به ڪافي سالن تائين حاضريءَ ۾ رهيو

سکر بئراج ٺهڻ وقت ان جي روهڙي ڪئنال تي ڪافي ڏينهن مزدوري به ڪئي چار آنه مزدوري ملندي هئي ان وقت عمر ٽيهه يا پنجٽيهه جي لڳ ڀڳ هئي

گڏوگڏ هارپو به ڪيائين بقول سندس ته ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کان اڳ آب ڪلياڻيءَ جي مند ۾ جڏهن واهڙ وهي ايندا هيا ته نارن ذريعي فصلن کي پاڻي ڏيندا هئاسين سال ۾ هڪ فصل ٿيندو هيو پوري سال جو اناج وغيره ان مان ئي ملندو هيو سکر بئراج ٺهڻ کان پهريائين ڪڻڪ جو فصل ڪون ٿيندو هيو سڄو سال جوئر، ٻاجهر ۽ ڳاهڙي جي ماني کائيندا هئاسين ٻين فصلن ۾ ڦٽي، مُنڱ ، تِر ، گوار ٿيندا هئا برڪتون هونديون هيون هندو مسلمان گڏ رهندا هئا انگريزن جي دور ۾ قانون جي بالا دستي هوندي هئي چوري ڌاڙا گهڻا ڪون هوندا هيا هڪ همراه ذات جو ماڇي هيو تنهن کي پنج ڪلو ڦٽين جي چوري ثابت ٿيڻ تي پنج سال سزا ملي هئي گهڻو ڪري تنهن دور جا ماڻهو امن سان رهندا هيا هيئر نفسا نفسي لڳي پئي آهي

هر مهيني جي پهرين سومر تي مانجهند کان سنڌو دريا رستي ٻيڙي پاهڙ واهه مان ٿيندي هالا شهر جي وچ ( هيئر جتي ايس ڊي ايم جي آفيس آهي) تائين ايندي هئي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجا ڍور پڙي ۾ کڻي ايندا هيا

ڀڳت ڪنور رام سان به ڪچهريون ڪيائين سندس چوڻ مطابق ڀڳت ڪنور رام مهان انسان هيو غريبن جو همدرد هيو پوءِ اهو ڀلي هندو هجي يا مسلمان ڀڄن ڳائڻ وقت جيڪي به پئسا ملندا هئس آخر ۾ مٺيون ڀري غريبن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيندو هو پاڻ ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعي ڀڳت ڪنور رام ٻنڌ شهر ( ڀاڻوٺ جي ڏکڻ اولهه طرف وڏو ۽ پراڻو شهرهيو دريا جي پائڻ جي ڪري اجڙي ويو) ۾ آيو ته هڪ همراهه مونکي اچي چيو ته ڀڳت ڪنور کي اسٽيشن پهچائڻو آهي آئون اٺ ڪاهي اتي پهتس ته مون ڏٺو ته ڀڳت قران شريف پڙهي رهيو هيو

راضي فقيرلاشاريءَ (پنهنجي وقت جو مشهور شاعر ۽ درويش) سان دوستي هوندي هيس ٻئي هم عمر هيا ان جا ڪافي بيت ياد اٿس

هالا کان حيدرآباد وارو روڊ جڏهن ٺهي بس ٿيو ته پهرين گاڏي(بس) هالا جي محمد عثمان ميمڻ هلائي هئي

فصل لهندو هيو ته ڦٽين جا پئسا سيٺ کان وٺي لليچن جي ڊپ کان سوتليءِ واري ٻوري پالڪ ۽ پنيري بصر سان ڀري وچ ۾ پئسا وجهي وڏيري محمد حسن ڪيريو( غلام محمد ڪيريو جو والد) کي حيدرآباد (فقير جو پڙ) تي پهچائڻ ويندو هيس ان وقت هالا کان حيدرآباد بس جو ڪرايو اَٺ آنه هوندو هيو ان سان گڏ ٻيون به ڪافي ڳالهيون ۽ تنهن دور جا واقعا ياد اٿس

تر ۽ برادريءَ جي ماڻهن لاءِ هلندر ڦرندڙ انسائيڪلو پيڊيا آهي

ڌڻيءَ در دعا آهي ته صحت سلامت هجيس ايئن ئي پنهنجي همت سان هلندو گهمندو رهي آمين۔

No comments:

Post a Comment