Sunday, May 28, 2017

مرحو م خير محمد ڪيريو ٽنڊو محمد خان

​هڪ اها شخصيت جنهن لا دنيا چيو ته ان جهڙو انسان وري شايد ڪڏهن به نه پيدا ٿي سگهي. هو اهو انسان هو جنهن جيترو به وس هوندو هو اهو هلائي ٻين جي مسئلي کي حل ڪرائيندو هو. تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد کان وٺي ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن جو سفر ڪندڙ انسان پنهجي هر پوسٽنگ تي اهڙو ڪردار ادا ڪري ٻين لا مثال ڇڏيو ۽ هر ڪنهن جو آئيڊيل بنجي ويو. هي انسان ان ڳوٺاڻي ماحول سان تعلق رکندو هو جتي اندهيرن ۽ جهالت جو راڪاس هوندو هو ۽ تعليمي شعور نه هو. ليڪن انجي باوجود به ڪنهن غريب خاندان سان تعلق هئڻ جي ناتي به تعليم حاصل ڪيائين. جنهن ۾ ماسٽرز آف اڪنامڪس ٖ ايم ايڊ ايڊيوڪشن ٖ بيچلر آف يوناني ميڊيسن جهڙيون ريگولر ڊگريون حاصل ڪيائون. پاڻ عوام کي تعليمي ٖ سماجي ۽ سياسي شعور ڏنائون.. مختلف علائقن ۽ زاتن سان واسطو رکندڙ غريب انسانن جي اولاد کي مائٽاڻو رشتو ڏئي انهن جي مدد ڪندو هو ۽ پوئتي پيل علائقن کي بنيادي سهوليتون ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ جنهن علائقي ۾ رهندا هئا ان علائقي کي گهر ويٺي تعليم يافته بنائڻ لا سرڪاري اسڪول جو سهوليتون ورتيون جن ۾ نه صرف شاگرد بلڪه شاگردياڻين لا الڳ الڳ اسڪول قائم ڪرايا. پاڻ تعليم کاتي جا قابل فخر آفيسر مڃيل هئا ۽ اصولن جي معاملي ڪڏهن به ڪنهن سان سمجهوتو نه ڪندا هئا. پاڻ اهئي واحد آفيسر رهيا جن نه ته بنگلو ٺاهيو نه ڪار خريد ڪئي ۽ نه ئي وري ڪا زمين خريد ڪئي پنهجي نوڪري جي دوءران. پاڻ اهئي آفيسر رهيا جو انهن جي آفيس جا دروازه هر غريب لا کليل رهندا هئا ۽ هر آيل اٻوجه کان اٻوجه انسان جي مهمان نوازي ڪندا هئا ۽ پنجهائپ جو احساس ڏيندا هئا. سندن زندگي هميشه ٻين لا وقف رهي اگر ڪو پري کان آڌي رات جو آفيشل ڪم لا ايندو هو ته به پاڻ اٿندا هئا ۽ ڪو روڊ تي ڪو ڪم کڻي ايندو هو ته به انجو ڪم ڪندا هئا. پاڻ پنهجي زندگي جي آخري دم تائين به ٻين لا ڪم ڪيو.

اگر اوهان کي ان مرحوم هستي جو نيڪ عمل پسند اچي ته ان لا دعا ڪجو ۽ اگر اوهان وٽ انهن جي ڪا ياد آهي ته اسان سان شيئر ڪريو اوهان جا لک ٿورا ٿيند