Sunday, May 28, 2017

A poor youth having devotion for mankind

​پنهجي علائقي ۾ ڊاڪٽر نويد احمد ڪيريو سڏجڻ ۾ پاڻ به شرم محسوس ڪري ٿو ۽ نويد نورل سڏجڻ چاهي ٿو. نويد نورل جي حقيقي ڪهاڻي اسان جي سماج جي پوئتي پيل علائقي جي فردن جي واضع عڪاسي ٿي ڪري. ڳوٺ مجيد ڪيريو جي اوڀر سائيڊ ۾ هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود ڳوٺ رسول بخش ڪيريو جو هي رهواسي مئٽرڪ پاس آهي ان تعليم دوران ڪافي قسم جون مزدوريون جن ۾ ڪيلا کپائڻ ٖ تغاري ڪرڻ ٖ لابارا ڪرڻ شامل هيون. نويد ڪيريو اعلي تعليم جو جنون ۽ خواب رکندي به معاشي مسئلن جي ور چڙهي ويو ليڪن پاڻ پنهجي ٻن ڀائرن کي تعليم يافته بنائڻ لا جدو جهد ڪري رهيو آهي. پاڻ ڳوٺ جي ڊولپمينٽ اداري ۾ ڪم ڪيو ۽ انکان پو۽ گورنمنٽ پاران WWF ٽريننگ ڪئي ۽ سرٽيفيڪٽ پڻ حاصل ڪيا.

پاڻ پنهجي علائقي ۾ جانورن جو علاج ڪندا آهن ۽ سندس معاشري ۾ خدمتن جي بدولت عزت ڪمائين اٿن صرف. پاڻ زندگي جي دردن جو اظهار شاعري ۽ ڪهاڻين ۾ ڪندا آهن. سندس تخليقون سنڌو ڊائجيسٽ ۾ پڻ شايع ٿيون آهن. ۽ موجوده ڏينهن ۾ پنهجي جذبن جو اظهار ڪرڻ لا سندن تخليقي ڪم جاري آهي..

ڇا بيرون ملڪ ۾ محنت و مزدوري ڪرڻ وارن کي معززن جا خطاب ۽ سنڌ جي ڌرتي کي سر سبز ڪرڻ واري کي سواء دربدري ۽ ٺوڪرن جي هي معاشرو ڪجه به نٿو ڏي؟

حق حلال جو پورهيو ڪرڻ واري کي ته خدا به دوست بنايو آهي پوء ڇو سماج انهن سان دشمناڻو رويو رکيو آهي؟“

ڇا ڪو غريب جو ٻار معاشري جي ماڻھن جي خدمت ڪندو آهي ته اهو صرف سٺو آهي ٖتائين ئي محدود رهجي ويندو آهي جڏهن ته دولتمند جو ٻار هيرو ۽ اڳواڻ ۽ وڏن وڏن خطابن سان نوازيو ويندو آهي.

No comments:

Post a Comment