Sunday, May 28, 2017

آفتاب ڪيريو وليج قبول ڪيريو

ڪجه انسان اهڙا هوندا آهن جن جي شخصيت ۾ ايتري ته سچائي هوندي آهي جو لفظ به انهن جي شخصيت کي ڀيٽڻ لا ڪافي ناهن هوندا. مگر وري به انهن جي حوصلا افزائي خاطر ڪجه جملن جو سهارو وٺڻو ٿو پوي ۽ انهن جي لا دل ۾ پيدا ٿيل تاثرات کي دل کان ٻاهر ڪڍڻو ٿو پوي. آئون جڏهن ڳوٺ قبول ڪيريو سان تعلق رکندڙ نوجوان جي محنت کي ڏسندو آهيان ته دل باغ و بهار ٿي ويندي آهي ۽ آرزو پيدا ٿيندي آهي ته ڪاش هر سنڌ واسي تعليم ٖ شعور ۽ سماجي خدمتن تي زور ڏئي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن سنڌ ڌرتي جنت جيان لڳندي جتي محبت ٖ قرب ۽ ھڪ ٻئي جا هڏو ڏوکي انسان هوندا. جتي نه ته ڪنهن مسجد ۽ مندر تي ۽ نه ئي وري ڪنهن قلندر جهڙي نگري تي دهماڪا ڪيا ويندا. نه ئي ڪنهن معصوم نياڻي سان زيادتي ڪئي ويندي نه ئي ڪنهن عورت کي عزت جي نالي قتل ڪيو ويندو. پر صرف ۽ صرف شڪر هوندو ٖ صبر هوندو ٖ موجون هونديون.
ڳوٺ قبول ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان سان تعلق رکندڙ آفتاب ڪيريو اهو نوجوان آهي جنهن نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان پنهجي علائقي جي ماڻهن جي تعليم جي حوالي سان خدمت ڪئي ۽ گڏو گڏ غريب ۽ اٻوجه ماڻهن جي انهن حالتن ۾ مدد ڪئي جڏهن قدرتي آفتن . انهن جي زندگين کي ايترو متاثر ڪيو جو روڊ رستا به پاڻي جي لپيٽ ۾ ھئا.
ڪيريو دنيا سندس ڪيل خدمتن کي سرخ سلام پيش ڪري ٿي ۽ گڏو گڏ دعاگو آهي ته مولا سائين سدا سلامت رکين. آمين.


No comments:

Post a Comment