Friday, May 5, 2017

ڪيريو ورلڊ ويب سائيٽ جا مسئلا ۽ ڪاميابيون

آئون بظاط خود ويب ڊزائينر ۽ ڊولپر نه هئس شروعات ۾ هڪ ڊولپر کان ٿوري رهنمائي هئي ۽ گوگل جي آرٽيڪلز مان ويب ڊزائين ۽ ويب سائيٽ ۾ ايندڙ مسئلن جي حل لا مون پنهجو ڪافي وقت لڳايو هو. مونکي ياد آهي ته 2013 ۾ ويب سائيٽ ۾ ھڪ مسئلو آيو جو سڄي اسڪرين بلينڪ ٿي وئي ۽ مون ويب انجنيئر سان رابطو ڪيو ته ان پنج هزار روپين جي گهر ڪئي. ليڪن جڏهن ته هي اهو ڪم هو جنهن کي هر وقت فنڊ جي ضرورت هئي ۽ مون نه چاهيو ته ڪنهن کان مدد وٺان ۽ وري مستقبل ۾ طعنا برداشت ڪرڻا پون ماڻهن جا. ويب انجنيئر مونکي اهو چيو ته ً ڊاڪٽر صاحب اوهان ويب انجنيئر ناهيو هي ڪم اوهان کان نه ٿي سگهندو ً. ليڪن مون وري به همت نه هاري ۽ ويب ڪوڊس کي سمجهيوٖ مونکي ائين لڳي رهيو هو ته ويب سائيٽ به هڪ مشين آهي جنهن جي اندر ۾ وائرنگ هوندي آهي. بحر الحال ان وقت جي محنت سان مون سائيٽ کي واپس شڪل ۾ بيهاريو. ۽ ان انجنيئر کي فون ڪري چيو ته اوهان ڏسو سائين مسئلو حل ڪري چڪو آهيان. پوء اهو شرمسار ٿيو ۽ منهجي صلاحيتن جو اعتراف ڪرڻ لڳو. مون ڪافي قسم جا تجربا ڪيا جن ۾ انٽرنيٽ تي موجود مشهور ويب سائيٽس تي مواد لکڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن اڪثر اوقات انهن مواد جي ڪمين و پيشين ۽ اصولن جي باري ۾ اگاه ڪيو مونکي. جيتريقدر انهن مان منهجي رائيٽنگ اسڪلز جي معيار ۾ اضافو ٿيو. مون ۾ هي قابليتون صرف هن ڪيريو ورلڊ مان آيون. مون هن کي هڪ سکيا جي عمل سان ڏٺو هميشه.

هن حقيقي اکاڻي مان اهو سبق ڏيڻ چاهيان ٿو ته جدوجهدون رائيگان نٿيون وڃنن جيسين تائين انسان پاڻ شڪست کي قبول نه ڪري.