Monday, April 24, 2017

Prof. Abdul Ghaffar Keerio , Moro Sindh

اهو انسان ٖ استاد شعبي سان تعلق رکندڙ انسان جنهن جا ڪافي شاگرد ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پروفيسر ۽ ليڪچرار ٿيا ٖٖ آرمي آفيسر ۽ جج مقرر ٿيا. پاڻ ميٿميٽڪس جهڙي سبجيڪٽ ۾ مهارت جي بدولت ڪافي عزت حاصل ڪيائون.

عبد الغفار ڪيريو اسٽنٽ پروفيسر ميٿميٽڪس هميشه پنهجي تعليم جي دوران پهرين پوزيشن ماڻيندڙ شاگرد رهيا ۽ سن 2000 ۾آرمي ڪاليج بدين ڪينٽ ۾ ليڪچرار طور ڪم ڪيو.سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ليڪچرار ميٿميٽڪس ٿيا ۽ جوائن ڪيائون گورنمنٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو کي.2004 ۾ سنڌ يونيورسٽي پڻ آفر ڪئي پر پاڻ جوائن نه ڪيائون.
اسٽنٽ پروفيسر عبدا لغفار ڪيريو جي بي مثال محنتن تي فخر آهي ته پاڻ تعليم جهڙي زيور سان انسانن جي زندگي کي روشن ڪيو.
ڇا اوهان سندن نيڪ خدمتن تي ناز ڪندئو.؟

Ghulam Sarwar , Sukrand , Horticultrist

هر پروفيشنل فرد جو پنهجو جدا ڪردار هوندو آهي معاشري ۾ ۽ معاشري کي هر ماڻهو جي ڪردار جي ضرورت آهي. هي اهي انسان آھن جن جو واسطو زراعت تي تحقيق ڪرڻ سان ڳڏوگڏ زرعي مسئلن جو حل ڳولهي انکي بهتر بنائڻ لا جدوجهد ڪرڻ اهڙن انسان جو مقصد آهي. هي ملڪ هڪ ذريعي ملڪ آهي ۽ زراعت هن ڌرتي تي رهنڙ هر ماڻهو جي آمدني جو ذريعو آھي. مگر انهن جي معاشيت کي فروغ ڏيڻ ۽ ملڪ کي خوشحال بنائڻ ۾ غلام سرور جهڙن ماهرن جو اهم ڪردار آهي. پاڻ ھڪ معزز و زميندار خاندان مرحوم ڌڻي بخش ڪيريو وليج ساند ڪيريو سڪرنڊ جا فرزند آهن. سندن والد تي انهن جي دلير عظيم جذبن توڙي سندن غريبن جي تعليم جي خوابن جي ڪري ناز ڪن ٿا. سندن والده جون خدمتون پنهجي وقت ۾ لاجواب رهيون هيون جيڪي اگر ڪنهن غريب سان زيادتي ٿيندي هئي ته ان لا انجي مدد ڪندا هئا. پاڻ اها فطرت رکن ٿا ته ڪوڙ ڪنهن به حالت ۾ نٿا ڳالهائين نه ئي وري جاگيرداري فطرت ٿا رکن. پاڻ پنهجي اولاد سان بي پناه محبت ڪن ٿا. ۽ موجوده وقت ۾ سنڌ ايگريڪلچر انسٽيٽوٽ ميرپورخاص ۾ هارٽيڪلچرسٽ آهن.

دعا آهي ته مولا برڪت ڏين ۽ سدا سلامت رهن. آمين.

اوهانجي خيال ۾ محترم غلام رسول جي شخصيت ڪيئن آهي،

Inayatullah Keerio , SBA , Sindh Pakistan

مايه ناز و معروف سينئر ميڊيڪل آفيسر ٽنڊو آدم ڊاڪٽر هدايت الله ڪيريو جو فرزند عنايت الله ڪيريو جو تعلق ڳوٺ نٿو ڪيريو سڪرنڊ سان آهي پاڻ اهئي انسان آهن جن جو اهو نظريو آهي ته سچائي و خلوص اصل انسانيت آهي ۽ ڪم ۽ عبادت کي هميشه نوازيو ويندو آهي جيڪو سندن هڪ زاتي تجربو آهي. پاڻ ان زندگي جي انهن سبقن کي سکڻ چاهين ٿا جيڪي ڪتاب ۾ موجود ناهن ٖ جهڙيون خواهشون رکي ٿو.
پاڻ مئٽرڪ ۽ انٽر ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ مان حاصل ڪئي ۽ پاڻ ايم ڪام ٖ ايم اي اڪنامڪس ٖ ايسو سئيٽ انجنيئر آئي ٽي ۽ پبلڪ رليشن آفيسر (اسلام آباد اڪيڊمي ) جهڙيون ڊگريون حاصل ڪندڙ بينڪنگ ۽ اين جو اوز ۾ وسيع تجربو رکندڙ هن وقت الحبيب بينڪ ۾ آپريشن مئنيجر آهن.
اوهانکي عنايت الله ڪيريو جي شخصيت ڪيئن لڳي ؟

Lecturar Gul Muhammad Keerio Moro , Sindh

 

ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته اگر اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جو اولاد اهو ئي ڪم ڪري جنهن جي توقع اوهان رکو ٿا ته اهو ڪم پاڻ پهرين ڪريو ۽ اهو به ايندڙ زندگي جي گهڙين ۾ اوهان وانگر ڪندو.. ان ڏاهي جي اها چوڻي ته هر ڪنهن تي نٿي مڪمل طور تي ٽهڪي مگر اڄ جڏهن سڌهوجا جي ان محنتي پرائمري استاد اله بچايو جي ماضي جي زندگين جي سرگرمين ۽ خدمتن تي مختصرن نظر وجهجي ٿي ۽ سندس اولاد جي موجوده زندگي تي نظر وجهون ٿا ته اها ان ڏاهي جي چوڻي سئو سيڪڙو مڪمل طور تي هن خاندان جي زندگي پوري کان پوري ٽهڪي ٿي.
مورو جي قديمي ڳوٺ سڌهوجا سان تعلق رکندڙ هڪ پرائمري استاد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ گل محمد ڪيريو پنهجي ابتدائي تعليم سڌهوجا اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ يونيورسٽي تعليم بائلاجي جهڙي مضمون ۾ حاصل ڪندي پوزيشن هولڊرن جي فهرست ۾ به رهيا ته يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو جهڙي قديمي ۽ معروف سنڌ جي اداري ليڪچرار لا آڇ به ڪئي.پاڻ پنهجي زندگي جو ڪجه عرصو بدين توڙي سنڌ جي مايه ناز اداري آرمي پبلڪ ڪاليج ۾ ليڪچرار طور به خدمتون سر انجام به ڏنائون ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي سرڪاري سيڪٽر ۾ ليڪچرار بائلاجي مقرر ٿيا گورنمنٽ ايلمينٽري ڪاليج مورو ۾. ۽ هن وقت تائين اتي پنهجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. جيتريقدر سندن تعلق ڪنهن زميندار گهراڻي سان ته ناهي مگر هڪ محنتي استاد گهراڻي سان ضرور آهي ۽ ان خاندان جي رت به پنهجي زندگي ۾ جدوجهدن و محنتن جي بدولتن بهتر روزگار حاصل ڪيو.

اسان سندن محنتن کي سلام ٿا ڪريون ۽ سندن محنتن کي ٻين لا هڪ مثال طور پيش ڪري اهو سبق ڏيڻ چاهيون ٿا ته محنتن تي ڀاڙيو. ۽ وسيلا پنهجو پاڻ پيدا ٿي ويندا صرف هڪ قدم پنهجي منزل لا اڳتي وڌايو.

اوهان کي هي حقيقي ڪهاڻي ڪيئن لڳي ۽ ڪيترو حوصلو ڏي ٿي ۽ اوهان ليڪچرار گل محمد ڪيريو لا ڇا چوڻ پسندا ڪندا ؟؟

Ghulam Hussain Keerio Karachi

غلام حسين ڪيريو ڳوٺ چوٽياريون شريف ضلعه سانگھڙ والد صاحب مرحوم وڏيرو محمد ابراھيم ولد وڏيرو احسان علي ڪيريو تقريباً ڏيڍ سو سال پھرين نواب شاھ جي ڀرسان جمال ڪيريو ڳوٺ کان لڏي اچي موجوده چوٽيارين ۾ سڪونت پذير ٿيا سندن وڏو ابو طالب ڪيريو ۽ نور محمد ڪيريو هجرت ڪري آيا ھئا جن جا مائٽ بصر دين ڪيريو ۽ معز دين ڪيريو اٗ تي ئي رھيا ۔ مرحوم رئيس رسول بخش ڪيريو سڪرنڊ جو ۽ سندن جو خاندان اوائلي ھڪ ھو ، اھا ڳالھ سندن ڏاڏا مرحوم احسان علي ڪيريو به ڪندو ھو ۽ سائين اعجاز علي شاھ راشدي سعيد آباد به ڪندو ھو ۔ پاڻ اٺ ڪلاس تائين ڳوٺ ۾ پڙھيا ، ميٽرڪ ۽ انٽر شھدادپور ھاء اسڪول مان ڪيائون ، پوء ھيلٿ ڊپارٽمنٽ ۾ ويڪسينيٽر ٿيا ، خوش اخلاقي ۽ خودداري مائٽن کان ورثي ۾ ملين ، ڪنھن جي به ڪاڻ نه ڪڍڻ جي جرم ۾ حر جماعت جي مقامي اڳواڻن جي عتاب جو شڪار ٿي سرڪاري نوڪري وڃائي پرائيوٽ ۾ آدم جي جوائن ڪيائون ۽ اھو سلسلو ھلندي رب سائين پنھنجي فضل سان سيڪريٽيريٽ ۾ نوڪري ڏني ۽ اتي ئي قائم آھن ، حقيقي قوم جو حقيقي درد محسوس ڪندا آھن، الحمدالله دشمنن جي ڳچئ تي اڄ به لت آھن ، پنھنجو ڪمائن ۽ پنھنجو کائن ، ڪنھن به پير ، وڏيري ، سردار يا ترم خان کي موجود ئي نه سمجھندا آھن جيڪو کلي کيڪاريندو ان کي جئ ۾ جايون باقي توڪل رب رحيم تي ۔