Monday, April 24, 2017

Ghulam Hussain Keerio Karachi

غلام حسين ڪيريو ڳوٺ چوٽياريون شريف ضلعه سانگھڙ والد صاحب مرحوم وڏيرو محمد ابراھيم ولد وڏيرو احسان علي ڪيريو تقريباً ڏيڍ سو سال پھرين نواب شاھ جي ڀرسان جمال ڪيريو ڳوٺ کان لڏي اچي موجوده چوٽيارين ۾ سڪونت پذير ٿيا سندن وڏو ابو طالب ڪيريو ۽ نور محمد ڪيريو هجرت ڪري آيا ھئا جن جا مائٽ بصر دين ڪيريو ۽ معز دين ڪيريو اٗ تي ئي رھيا ۔ مرحوم رئيس رسول بخش ڪيريو سڪرنڊ جو ۽ سندن جو خاندان اوائلي ھڪ ھو ، اھا ڳالھ سندن ڏاڏا مرحوم احسان علي ڪيريو به ڪندو ھو ۽ سائين اعجاز علي شاھ راشدي سعيد آباد به ڪندو ھو ۔ پاڻ اٺ ڪلاس تائين ڳوٺ ۾ پڙھيا ، ميٽرڪ ۽ انٽر شھدادپور ھاء اسڪول مان ڪيائون ، پوء ھيلٿ ڊپارٽمنٽ ۾ ويڪسينيٽر ٿيا ، خوش اخلاقي ۽ خودداري مائٽن کان ورثي ۾ ملين ، ڪنھن جي به ڪاڻ نه ڪڍڻ جي جرم ۾ حر جماعت جي مقامي اڳواڻن جي عتاب جو شڪار ٿي سرڪاري نوڪري وڃائي پرائيوٽ ۾ آدم جي جوائن ڪيائون ۽ اھو سلسلو ھلندي رب سائين پنھنجي فضل سان سيڪريٽيريٽ ۾ نوڪري ڏني ۽ اتي ئي قائم آھن ، حقيقي قوم جو حقيقي درد محسوس ڪندا آھن، الحمدالله دشمنن جي ڳچئ تي اڄ به لت آھن ، پنھنجو ڪمائن ۽ پنھنجو کائن ، ڪنھن به پير ، وڏيري ، سردار يا ترم خان کي موجود ئي نه سمجھندا آھن جيڪو کلي کيڪاريندو ان کي جئ ۾ جايون باقي توڪل رب رحيم تي ۔

No comments:

Post a Comment