Monday, April 24, 2017

Lecturar Gul Muhammad Keerio Moro , Sindh

 

ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته اگر اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جو اولاد اهو ئي ڪم ڪري جنهن جي توقع اوهان رکو ٿا ته اهو ڪم پاڻ پهرين ڪريو ۽ اهو به ايندڙ زندگي جي گهڙين ۾ اوهان وانگر ڪندو.. ان ڏاهي جي اها چوڻي ته هر ڪنهن تي نٿي مڪمل طور تي ٽهڪي مگر اڄ جڏهن سڌهوجا جي ان محنتي پرائمري استاد اله بچايو جي ماضي جي زندگين جي سرگرمين ۽ خدمتن تي مختصرن نظر وجهجي ٿي ۽ سندس اولاد جي موجوده زندگي تي نظر وجهون ٿا ته اها ان ڏاهي جي چوڻي سئو سيڪڙو مڪمل طور تي هن خاندان جي زندگي پوري کان پوري ٽهڪي ٿي.
مورو جي قديمي ڳوٺ سڌهوجا سان تعلق رکندڙ هڪ پرائمري استاد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ گل محمد ڪيريو پنهجي ابتدائي تعليم سڌهوجا اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ يونيورسٽي تعليم بائلاجي جهڙي مضمون ۾ حاصل ڪندي پوزيشن هولڊرن جي فهرست ۾ به رهيا ته يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو جهڙي قديمي ۽ معروف سنڌ جي اداري ليڪچرار لا آڇ به ڪئي.پاڻ پنهجي زندگي جو ڪجه عرصو بدين توڙي سنڌ جي مايه ناز اداري آرمي پبلڪ ڪاليج ۾ ليڪچرار طور به خدمتون سر انجام به ڏنائون ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي سرڪاري سيڪٽر ۾ ليڪچرار بائلاجي مقرر ٿيا گورنمنٽ ايلمينٽري ڪاليج مورو ۾. ۽ هن وقت تائين اتي پنهجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. جيتريقدر سندن تعلق ڪنهن زميندار گهراڻي سان ته ناهي مگر هڪ محنتي استاد گهراڻي سان ضرور آهي ۽ ان خاندان جي رت به پنهجي زندگي ۾ جدوجهدن و محنتن جي بدولتن بهتر روزگار حاصل ڪيو.

اسان سندن محنتن کي سلام ٿا ڪريون ۽ سندن محنتن کي ٻين لا هڪ مثال طور پيش ڪري اهو سبق ڏيڻ چاهيون ٿا ته محنتن تي ڀاڙيو. ۽ وسيلا پنهجو پاڻ پيدا ٿي ويندا صرف هڪ قدم پنهجي منزل لا اڳتي وڌايو.

اوهان کي هي حقيقي ڪهاڻي ڪيئن لڳي ۽ ڪيترو حوصلو ڏي ٿي ۽ اوهان ليڪچرار گل محمد ڪيريو لا ڇا چوڻ پسندا ڪندا ؟؟

No comments:

Post a Comment