Monday, May 29, 2017

آفتاب ڪيريو ڀريا روڊ

​ڪاش عيد جي ڏهاڙي ڪو اهو به سوچي ها ته پاڙي ۾ يتيم ۽ مسڪين ٻار مايوس ۽ غمزده آهي ان لا ته ان وٽ اهو سڀ ڪجه ان ڏينهن به ناهي جنهن ڏينهن سڀني ڏي هوندو آهي.. ان ڏينهن ڪنهن يتيم پنهجي والدين جي شفقت کي ضرور محسوس ڪيو هوندو ۽ عيد کي عيد نه ڪري سمجهيو هوندو. دنيا ۾ ڪو انسان فرشتو ته نٿو ٿي سگهي مگر ڪڏهن ڪڏهن ڌرتي تي انسان جو ڪيل ننڍو عمل به انجي شخصيت ۽ نيتن جو تعارف ڪرائي ڇڏيندو آهي. ڀريا سان تعلق رکندڙ انسان ٖ هڪ مڊل ڪلاس طبقي جي گهراڻي جي ٽيليفون آپريٽر جي فرزند ٖ سماجي و ديشي ڪارڪن ٖ صوفياڻي نظريئي جو پيروڪار ٖ صحافت کي زندگي جو ڪافي حصو ارپيندڙ محترم آفتاب حسين ڪيريو ٖ ڳوٺ خليفو حاجي ابراهيم ڪيريو جو ڪردار معاشري جي فلاح و انساني بهتري لا ساراه جوڳو رهيو آهي. پاڻ مختلف قومي و سماجي تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ ڪم ڪيو اٿن ۽ انڊس ڪيريا سوشل فورم ۾ پنهجو ڪردار ادا ڪيو اٿن.پاڻ دنيا نيوز ٽي وي ۾ تعلقه رپورٽر ڀرياسٽي ۽ اليڪشن ايگزيڪيٽو ڪميٽي جا چيئرمين به آھن ته انجمن غلامان پنجتن پاڪ عيد ميلادالنبي ڪميٽي نوشھرو فيروز جو سھڪاري ميمبر به آھن. موجوده وقت ۾ پاڻ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ ايريا سيلز مينيجر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. دعا اھي ته مولا سندن نيڪ جذبن ۽ زندگي ۾ برڪتون وجهي. آمين.توهان کي آفتاب جي شخصيت ڪيئن لڳي پنهجي مثبت ڪمينٽس کي ڏئي محبت و عزت کي فروغ ڏيو.








رضا محمد ڪيريو سڪرنڊ

سالن جي سورن کي برداشت ڪرڻ کانپوء اگر ڪنهن جي منهن مان صرف بهترين جو لفظ يا اوهان تي فخر آهي ته اهو ان اذيتن جو پورائو نٿو ڪري سگهي جڏهن معصوم زندگين جي ڪلهن تي وڏا بار رکيا وڃنن. نواب شاه جي نوجوان رضا محمد ڪيريو جي زندگي جي ڪهاڻي به ڪجه اهڙي آهي جو جڏهن مئٽرڪ ڪئي هئي ته بدقسمتي سان سندن والد وفات ڪري ويو ۽ قدرتن والد هر ٻار جو دنيا جو وڏو سهارو هوندو آهي پر اهو به منزل تي پهچڻ کان پهرين ئي ختم ٿي وڃي ۽ اهو به ڪنهن شاگرد کان ٖ جنهن ڪتابي جملن مان ڪي عظيم خواب سوچيا هجن. ته سوچڻ جي ڳاله پيدا ٿئي ٿي ته ان انسان جي زندگي جي مسڪراهٽ ٖ هر خوشي بي رونق ٿي وڃي ٿي. ليڪن اهڙن حالتن ۾ ڪو مقابلو ڪري منزل تائين پهچي ته اهو شينهن جي برابر آهي.. 

نوجوان رضا محمد ڪيريو انٽرميديئٽ کان يونيورسٽي تعليم تائين پارٽ ٽائيم نوڪري ڪري پنهجي فيملي جي سپورٽ سان گڏو گڏ تعليم جاري رکي. ۽ بهتر روزگار کي حاصل ڪرڻ لا در در تي ڀٽڪندو رهيو مگر ڪنهن ڀوتار جي آسري تي پنهجو وقت ضايع نه ڪيو ۽ پاڻ پنهجي ڪيريئر جي شروعات خوشحالي بينڪ ڪراچي ۾ بطور بي  ڊي او سال 2012  کان ڪئي ۽ سندن ان سفر ۾ پاڻ مختلف بينڪس جي مختلف عهدن کان وٺي موجوده وقت ۾ حبيب بينڪ لميٽيڊ نوابشاه ۾ بطور اسٽنٽ مينيجر تائين پهتا آهن.
رضا ڪيريو جي حقيقي ڪهاڻي ئي سندن حقيقي تعارف آهي ته پاڻ بهادر ٖ محنتي ۽ خود دار انسان آهن جيڪي ٻئي جي سهاري جو انتظار ناهن ڪندا پر پاڻ ٻين جو سهارو ٿي ويندا آهن. 


Ali Akbar Keerio , Sukrand

​سنڌ ۽ انسانيت دوست . خوشحالي لا جدو جهد ڪندڙ نوجوان ايڊوڪيٽ علي اڪبر ڪيريو جو تعلق ڳوٺ نٿو ڪيريو تعلقه سڪرنڊ سان آهي . پاڻ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا نائب صدر تعلقه سڪرنڊ آھن. پاڻ 8 سالن کان ايس ٽي پي جا ميمبر آهن. پاڻ هڪ غريب خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ زندگي جي بي رحمين سان جنگ ڪري به تعليم جهڙي زيور کي حاصل ڪيو. پاڻ اهي انسان آهن جن بنا خوف ذيادتين جي خلاف هميشه احتجاج ڪيو ۽ سچ جا ساٿي رهيا. سندس جذبي جو دل جي گهراين سان احترام آهي ۽ سندس معاشرتي بهتري لا ڪاوشن تي اسان کي ناز آهي. دعاگو آهيون ته رب سائين سندن جذبي ۽ ڪاوشن سان گڏو گڏ سندن زندگي ۾ به برڪت وجهي ۽ پاڻ هميشه خوش رهن آمين.

غلام حسين ڪيريو ڪراچي

​هڪ انمول ۽ خوش اخلاق انسان جنهن جي چهري تي اڪثر مسڪراهٽ هوندي آهي جيڪا تمام ٿورن انسان کي نوازيل هوندي آهي.کين خوش اخلاقي ۽ خود داري والدين کان ورثي ۾ ملي ۽ خود داري جي صفت جي بدولت سماراجن جي ڪاڻ نه ڪڍڻ جي بدولت هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ويڪسينيٽر جي سرڪاري نوڪري ماضي ۾ وڃائي ويٺا ۽پوء پرائيويٽ ۾ آدمجي ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ نيٺ مالڪ سيڪريٽريٽ ۾ ڪرسي تي ويهاريو.سندن نسل اڪثر مختلف بزرگن جي زباني ڳالهين مطابق نوابشاه جي ڀرسان لڳ ڳوٺ جمال ڪيريو سان تعلق رکي ٿو. ڪافي عرصو پهرين تقريبن ڏيڍ سئو سال پهرين اتان کان هجرت ڪري ڳوٺ چوٽياريون شريف ضلع سانگهڙ ۾ رهائش پذير ٿيا. هجرت ڪرڻ وارن ۾ سندن وڏو ابو طالب ۽ نور محمد ڪيريو شامل هئا. جڏهن ته انهن جا مائٽ بصر دين ڪيريو ۽ معز دين ڪيريو اتي ئي رهيا.. پاڻ وڏيرو احسان علي ڪيريو جي فرزند مرحوم وڏيري محمد ابراهيم جا فرزند غلام حسين ڪيريو آهن. پاڻ اٺين ڪلاس تائين پنهجي ڳوٺ ۾ تعليم حاصل ڪئيٖ مئٽرڪ ۽ انٽر شهداد پور هاء اسڪول مان ڪيائون.مرحوم رئيس رسول بخش ڪيريو سڪرنڊ جو ۽ سندن جو خاندان اوائلي ھڪ ھو ، اھا ڳالھ سندن ڏاڏا مرحوم احسان علي ڪيريو به ڪندو ھو ۽ سائين اعجاز علي شاھ راشدي سعيد آباد به ڪندو ھو .پاڻ حقيقي قوم جو حقيقي درد محسوس ڪندا آھن، دعا آهي ته مولا سائين سدا سلامت رکين ۽ هميشه مسڪرائيندا رهن. آمين.اوهان غلام حسين ڪيريو جي شخصيت کي مثبت انداز ۾ ڪيئن پرکيو آهي.. ڪمينٽ ڏيڻ نه وساريندا.