Monday, May 29, 2017

رضا محمد ڪيريو سڪرنڊ

سالن جي سورن کي برداشت ڪرڻ کانپوء اگر ڪنهن جي منهن مان صرف بهترين جو لفظ يا اوهان تي فخر آهي ته اهو ان اذيتن جو پورائو نٿو ڪري سگهي جڏهن معصوم زندگين جي ڪلهن تي وڏا بار رکيا وڃنن. نواب شاه جي نوجوان رضا محمد ڪيريو جي زندگي جي ڪهاڻي به ڪجه اهڙي آهي جو جڏهن مئٽرڪ ڪئي هئي ته بدقسمتي سان سندن والد وفات ڪري ويو ۽ قدرتن والد هر ٻار جو دنيا جو وڏو سهارو هوندو آهي پر اهو به منزل تي پهچڻ کان پهرين ئي ختم ٿي وڃي ۽ اهو به ڪنهن شاگرد کان ٖ جنهن ڪتابي جملن مان ڪي عظيم خواب سوچيا هجن. ته سوچڻ جي ڳاله پيدا ٿئي ٿي ته ان انسان جي زندگي جي مسڪراهٽ ٖ هر خوشي بي رونق ٿي وڃي ٿي. ليڪن اهڙن حالتن ۾ ڪو مقابلو ڪري منزل تائين پهچي ته اهو شينهن جي برابر آهي.. 

نوجوان رضا محمد ڪيريو انٽرميديئٽ کان يونيورسٽي تعليم تائين پارٽ ٽائيم نوڪري ڪري پنهجي فيملي جي سپورٽ سان گڏو گڏ تعليم جاري رکي. ۽ بهتر روزگار کي حاصل ڪرڻ لا در در تي ڀٽڪندو رهيو مگر ڪنهن ڀوتار جي آسري تي پنهجو وقت ضايع نه ڪيو ۽ پاڻ پنهجي ڪيريئر جي شروعات خوشحالي بينڪ ڪراچي ۾ بطور بي  ڊي او سال 2012  کان ڪئي ۽ سندن ان سفر ۾ پاڻ مختلف بينڪس جي مختلف عهدن کان وٺي موجوده وقت ۾ حبيب بينڪ لميٽيڊ نوابشاه ۾ بطور اسٽنٽ مينيجر تائين پهتا آهن.
رضا ڪيريو جي حقيقي ڪهاڻي ئي سندن حقيقي تعارف آهي ته پاڻ بهادر ٖ محنتي ۽ خود دار انسان آهن جيڪي ٻئي جي سهاري جو انتظار ناهن ڪندا پر پاڻ ٻين جو سهارو ٿي ويندا آهن.