Monday, May 29, 2017

آفتاب ڪيريو ڀريا روڊ

​ڪاش عيد جي ڏهاڙي ڪو اهو به سوچي ها ته پاڙي ۾ يتيم ۽ مسڪين ٻار مايوس ۽ غمزده آهي ان لا ته ان وٽ اهو سڀ ڪجه ان ڏينهن به ناهي جنهن ڏينهن سڀني ڏي هوندو آهي.. ان ڏينهن ڪنهن يتيم پنهجي والدين جي شفقت کي ضرور محسوس ڪيو هوندو ۽ عيد کي عيد نه ڪري سمجهيو هوندو. دنيا ۾ ڪو انسان فرشتو ته نٿو ٿي سگهي مگر ڪڏهن ڪڏهن ڌرتي تي انسان جو ڪيل ننڍو عمل به انجي شخصيت ۽ نيتن جو تعارف ڪرائي ڇڏيندو آهي. ڀريا سان تعلق رکندڙ انسان ٖ هڪ مڊل ڪلاس طبقي جي گهراڻي جي ٽيليفون آپريٽر جي فرزند ٖ سماجي و ديشي ڪارڪن ٖ صوفياڻي نظريئي جو پيروڪار ٖ صحافت کي زندگي جو ڪافي حصو ارپيندڙ محترم آفتاب حسين ڪيريو ٖ ڳوٺ خليفو حاجي ابراهيم ڪيريو جو ڪردار معاشري جي فلاح و انساني بهتري لا ساراه جوڳو رهيو آهي. پاڻ مختلف قومي و سماجي تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ ڪم ڪيو اٿن ۽ انڊس ڪيريا سوشل فورم ۾ پنهجو ڪردار ادا ڪيو اٿن.پاڻ دنيا نيوز ٽي وي ۾ تعلقه رپورٽر ڀرياسٽي ۽ اليڪشن ايگزيڪيٽو ڪميٽي جا چيئرمين به آھن ته انجمن غلامان پنجتن پاڪ عيد ميلادالنبي ڪميٽي نوشھرو فيروز جو سھڪاري ميمبر به آھن. موجوده وقت ۾ پاڻ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ ايريا سيلز مينيجر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. دعا اھي ته مولا سندن نيڪ جذبن ۽ زندگي ۾ برڪتون وجهي. آمين.توهان کي آفتاب جي شخصيت ڪيئن لڳي پنهجي مثبت ڪمينٽس کي ڏئي محبت و عزت کي فروغ ڏيو.