Our Policies

KeerioWorld Ideology

1. سياسي و مذهبي طور تي هر ڪيريو آزاد هوندو ۽ پنهجي مرضي جو مالڪ هوندو. پنهجي علائقي جي حساب سان جنهن پاسي ان کي فائدو نظر اچي جتان فاعدو مليس ان پاسي وڃڻ جو حق رکندو.
2. برادري جي اصولن جي پيروي ڪرڻ جو پابند هوندو جنهن پاسي اڪثريت جي راء هوندي ان تي عمل ڪرڻ لا هر فرد پابند هوندو.
3. ڪيريو ورلڊ هر ڪيريو جي ڌر هوندي هڪڙي ڌر جو پاسو کڻڻ ۽ ٻئي ڌر جي نه ٻڌڻ نا انصافي هوندي.
4. ڪيريو ورلڊ ٖ نالي جو اهو مقصد ناهي ته صرف فيس بوڪ ٖ گروپ يا ويب سائيٽ يا هن جو اڳواڻ يا ميمبر ٖنه بلڪه ان مان مراد دنيا ۾ رهندڙ هر ڪيريو پنهجو ڪردار ادا ڪندو.

KeerioWorld Teams

اسانجو منصوبو اهو آهي ته اسان مختلف ٽيمون جوڙيون جن جي خدمتن مان برادر کي فاعدو ڏيارجي.

وڪيلن جي ٽيم : قانوني مشاورت لا ڪيريو برادر کي علائقي جي حساب سان ان وڪيل ڏي موڪلجي.
آفيسرن جي ٽيم؛ مختلف علائقن ۽ کاتن ۾ آفيسرن جي رهنمائي و خدمت برادري لا استعمال آڻجي.
ڊاڪٽرن جي ٽيم ؛ صحت جي رهنمائي و علاج لا ڊاڪٽرن کان خدمتون حاصل ڪجن

استادن جي ٽيم: تعليم جي واڌاري ٖ اسڪول جي ترقي ٖ آدمشماري ۽ ڳوٺاڻن جي لک پڙه جي ڪم لا استاد ڀائرن جو خدمتون حاصل ڪجن.

معززن جي ٽيم ؛ هر علائقي جي معززن جي لسٽ ترتيب ڏجي ۽ انهن جي علائقي ۾ ڪجه معوملي مسئلن کي حل ڪرڻ لا انهن جي خدمتون حاصل ڪجن اگر ڪو مسئلو انهن کان حل نٿو ٿئي يا ڪنهن وڏي معزز جي ضرورت هجي ته ان کان خدمت وٺجي.

سياستدانن ۽ سياسي و سماجي ورڪرن جي ٽيم : سياسي و سماجي ورڪر به اهم ڪردار ادا ڪندا آهن انهن کي برادري جي نالي گڏائجي ۽ اتحادي بنائجي ته اسان قومي مسئلن تي هڪ ٿي ڪري ڪم ڪري سگهون.

KeerioWorld Organizer :
هر ڳوٺ يا شهر ۾ ڪيريو برادر جي فلاح و ترقي واري ڪم کي هڪ منظم ترقي سان هلائڻ لا اسان هر ڳوٺ کان آرگنائزر جي چونڊ ڪيون جيڪو اسان کي اتان جي هر خبر کان اپڊيٽ ڪري جيڪا اسان فيسبوڪ ٖ ويب سائيٽ ٖ واٽس ايپ تي شايع ڪنداسين.. ۽ اسان پنهجي گڏ ڪيل فردن جي سرڪل جي سامهون انهن جا جائز مسئلا رکنداسين .

For More Feedback & Suggestion Contact admin @ Facebook or Whatsapp

No comments:

Post a Comment