Thursday, September 19, 2013

Village Qabool Keerio

Khair Muhammad Keerio خير محمد ڪيريو

هي پيج ڪمپوزنگ واري مرحلي ۾ آهي. ڪجه ٽڪرا هتي رکجن ٿا جن ۾ ڪم آهي
خير محمد ڪيريو ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي سندس سماجي وپروفيشنل خدمتون ئي سندس تعارف آهن. سندن ساده و همدرد اي انسانيت شخصيت کين اعلي رتبو عطاڪيو. پاڻ سن 1952 ۾ ظلعي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ قبول ڪيريو ۾ هڪ هاري جي گهر ۾ جنم ورتو.پاڻ ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائون . اعلي تعليم جي لا گورنمنٽ بوائز هائ اسڪول ماتلي موڪليو ويو

سندس ڪافي خاصيتون انهن ماڻهن کي ياد آهن جن انهن سان زندگي جا لمحا گذاريا هئا. پاڻ شايد آفيسر گهٽ پر عوامي خادم هئا ڪو به سڃاڻو يا غير سڃاڻو ڪهڙي به ڪم جي لا ايندو هئو ته هر وقت ان جي جائز مدد ڪندا هئا. سندس آفيس جا دروازه هر عام و خاص جي لا کليل رهندا هئا. ڳوٺ قبول ڪيريو جي لا ڪيل سندس خدمتون ؛ ڳوٺ قبول ڪيريو سندن بچپن جي وقت اسڪول و بجلي جي سهوليت کان محروم هئو ئ هتي جي معزز ماڻهو گهٽ علم جي ڪري جاهليت جي زندگي گذاريندا پاڻ پنهجي مرحوم ساٿين سميت جن ۾ دودو خان ڪيريو ئ عبدالرحمن ڪيريو ساڻ ڳوٺ ۾ هڪ سماجي تنظيم جو بنياد وڌو ئ مختلف پروگرام ڪرائي ڳوٺ جي ماڻهن کي شعور جي لاٽ ڏني .پاڻ ڳوٺ جي معزز ماڻهن سياست جي ميدان ۾ آندو ؟ ئ ڳوٺ کي بجلي جي سهوليت ڏياري ان سان گڏوگڏ سندن ڪاوشن جي عيوَض ڳوٺ کي پنج پرائمري اسڪول ئ هڪ هائ اسڪول مليو. اڄ ڳوٺ قبول ڪيريو پڪن روڊن سميت نظر اچي رهيو آهي. ئ هن علائقي جي ماڻهن کي لاڙ ۾ سڃاڻپ سندن انيڪ ئ بي مثال خدمتن جي عيوض ملي رهي آهي. پاڻ ڳوٺ جي بيروزگار نوجوانن جي لا روزگار جي فراهمي جون ڪوششون ڪيون ئ اڄ سندس محنتن جي عيوض ڳوٺ ۾ ڪافي ماڻهو روزگار سان آهن. جيتريقدر نه پاڻ جاگيردار هئا ئ نه ئي وري ڪنهن جي ووئٽ جي لالچ هوندي هئي پر سندن جذبو هئو ته هن ڳوٺ وارن جي بي لوث خدمت ڪجي سندن دل ۾ هر ماڻهو جي لا عزت و محبت هوندي هئي ئ پاڻ هر جا؟ تي عزت حاصل ڪندا هئا. پاڻ زندگي جي آخري لمحن کان پهرين هن ڳوٺ ۾ هڪ اسپتال جو بنياد وڌو هئو ئ سندي خواهش هئي ته هن علائقي جي ماڻهن کي گهر ويٺي صحت جي سهوليت ملي
 پاڻ ٽنڊو محمد خان جي شهر ۾ هڪ مال جو واڙو ڪڊيو جيڪو پراڻي نيشنل بينڪ جي سامهون هو اتي انهن وٽ جيڪو به ايندو هو اهو ماني و چانهه کانسوائ واپس نه ويندو هو پاڻ ماڻهو ۾ اميري و غريبي جو فرق نه ڪندا هئا و هر ڪنهن اٿي هٿ ڏيندا هئا و خاطري ڪندا هئا ڪافي سندس پيروڪار مرشد جي درجي جي حيثيت سان سمجهندا هئا پاڻ پنهجي علم و عقل سان سندن زندگي ۾ شامل انسانن کي روشني ڏيندا هئا و سندن شاگرد به اڄ تعليم کاتي جي حوالي سان ڪافي علم رکن ٿا و ان علم مان پنهجي ٻچن جو پيٽ پالي رهيا آهن.

پاڻ عورتن جي بهتري جي لا به ڪافي ڪم ڪيائون پنهجي ڀيڻ کي اعلي تعليم ڏياري انکي پرائمري اسڪول ٽيچر جي نوڪري ڏياري سندن علائقي ۾ هڪ نئي روايت کي جنم ڏنو جنهن سندن گوٺ ۾ نياڻين کي پڙهايو.

انکان علاوه پاڻ پنهجي زال کي سياست ۾ اچڻ جي اجازت ڏني و انکيجنرل مشرف حڪومت ۾
ليڊي ڪائونسلر جي سيٽ تي اليڪشن وڙهڻ جو موَقعو ڏنو جنهن اليڪشن ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪئي .
 مونکي سندن اهاڳاله چـگي ريت ياد آهي جو انهن سان ڳوٺ جي هڪ ماڻهو ، جنهن کي پاڻ نوڪري ڏياري هئي ئ اهو ڪجهه وقت کان پوئ احسان فراموش ٿي پيو هئو سندن خلاف سازشون رٿڻ لڳو هو، مان انهن کي هڪ پٽ جي حيثيت سان سمجهائڻ پي چاهيو ته پاڻ اهڙن ماڻهن تي احسان ڪرڻ ڇڏي ڏين جيڪي بعد ۾ تڪليفون ڏين ٿا ته پاڻ مونکي جواب ۾ چيو هئنائين ته توکي ڪهڙي خبر ته مان اهو ڇو ڪندو آهيان؟ شايد منهجو ٻاراڻو ذهن سندن شخصيت کي سمجهن جي لا ڪافي نه هو پر ايترو ضرور هوندو هئو ته مان بي پناه محبت جي باعث سندن چهري ته اداسي جو لهرون ڏسي نه سگهندو هئس، پاڻ سچائي جي جنگ ۾ اڪثر اڪيلا ٿي ويندا هئا ئ مونکان سندن اهئي لمحا برداشت نه ٿيندا هئا ئ مان اڪثر سندن روين جي وجهه سان ناراض به رهندو هئس،

 سندن شخصيت جي باري ۾ اهڙي طرح لکڻ جي لا مون وٽ اهڙا سونا اکر ئي ناهن جو مان پنهجي تحرير ۾ سندن هستي سان ڀيٽي سگهان!!

 

 



Saturday, September 14, 2013