Monday, May 29, 2017

غلام حسين ڪيريو ڪراچي

​هڪ انمول ۽ خوش اخلاق انسان جنهن جي چهري تي اڪثر مسڪراهٽ هوندي آهي جيڪا تمام ٿورن انسان کي نوازيل هوندي آهي.کين خوش اخلاقي ۽ خود داري والدين کان ورثي ۾ ملي ۽ خود داري جي صفت جي بدولت سماراجن جي ڪاڻ نه ڪڍڻ جي بدولت هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ويڪسينيٽر جي سرڪاري نوڪري ماضي ۾ وڃائي ويٺا ۽پوء پرائيويٽ ۾ آدمجي ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ نيٺ مالڪ سيڪريٽريٽ ۾ ڪرسي تي ويهاريو.سندن نسل اڪثر مختلف بزرگن جي زباني ڳالهين مطابق نوابشاه جي ڀرسان لڳ ڳوٺ جمال ڪيريو سان تعلق رکي ٿو. ڪافي عرصو پهرين تقريبن ڏيڍ سئو سال پهرين اتان کان هجرت ڪري ڳوٺ چوٽياريون شريف ضلع سانگهڙ ۾ رهائش پذير ٿيا. هجرت ڪرڻ وارن ۾ سندن وڏو ابو طالب ۽ نور محمد ڪيريو شامل هئا. جڏهن ته انهن جا مائٽ بصر دين ڪيريو ۽ معز دين ڪيريو اتي ئي رهيا.. پاڻ وڏيرو احسان علي ڪيريو جي فرزند مرحوم وڏيري محمد ابراهيم جا فرزند غلام حسين ڪيريو آهن. پاڻ اٺين ڪلاس تائين پنهجي ڳوٺ ۾ تعليم حاصل ڪئيٖ مئٽرڪ ۽ انٽر شهداد پور هاء اسڪول مان ڪيائون.مرحوم رئيس رسول بخش ڪيريو سڪرنڊ جو ۽ سندن جو خاندان اوائلي ھڪ ھو ، اھا ڳالھ سندن ڏاڏا مرحوم احسان علي ڪيريو به ڪندو ھو ۽ سائين اعجاز علي شاھ راشدي سعيد آباد به ڪندو ھو .پاڻ حقيقي قوم جو حقيقي درد محسوس ڪندا آھن، دعا آهي ته مولا سائين سدا سلامت رکين ۽ هميشه مسڪرائيندا رهن. آمين.اوهان غلام حسين ڪيريو جي شخصيت کي مثبت انداز ۾ ڪيئن پرکيو آهي.. ڪمينٽ ڏيڻ نه وساريندا.



No comments:

Post a Comment