Monday, June 19, 2017

تعلقه سڪرنڊ ضلع شهيد بينظير آباد


سڪرنڊ تعلقو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي شهيد بينظيرآباد جو هڪ تعلقو آهي.
قديم زماني ۾ هڪ وڏو شهر هو. محقق جي تحقيق کان پوءِ ڄاڻ ملي ٿي ته چهانيون ۽ بوهيون جو دڙو، موهن جي دڙي کان پوءِ وڏا آثار قديم آهن. جيڪي جمال ڪيرئي ڀرسان 20 ايڪڙ ۽ اوچائي 50 سود آهي. وڌيڪ تحقيق مان ثابت ٿئي ٿو ته قديم زماني جو وڏو شهر هو، جنهن ۾ واپار وڏي پيماني تي هلندو هو. جنهن کي دريائي وهڪرن ۽ ٻوڏ تباهه ڪيو. ڳوٺ دليل ديرو جي اولهه طرف ٻه دڙا لڌهار جي نالن سان مشهور آهن، جيڪي سلطان علاوالدين جي لشڪر جي گهوڙن جي لڏن جي گڏ ٿيڻ وارا ٻڌايا وڃن ٿا ڏکڻ طرف شهيد جيو جنگ جو مقبرو آهي. جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته علاوالدين جي لشڪر جي طرفان هن بزرگ ۽ ساٿين کي شهيد ڪيو ويو. محمد بن قاسم جنهن آباد
وسان سيوهڻ ويندي ساوڙيءَ ڌنڌي سان ڪر بهار اچي ترسيو مخالف جي دور حڪومت کي لاکاٽ جو پرڳڻو سڏيو ويو. سڪرنڊ جي لاءِ اهو به مشهور آهي ته هتي وڏي ڍنڍ هئي هتي مهاڻا رهندا هئا. هڪ مهاڻي سڪرنڊ نالي مان هي شهر آباد ٿيو. ڍنڍ جو مٺو پاڻي ۽ لذيذ هو جنهن کي ”شڪر ڍنڍ “ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. مير فتح علي خان ڍنڍ جي ڀرسان ترسيو کيس آبهوا ۽ نظارو ڏاڍو وڻيو اتر طرف قلعو فتح آباد ٺهرايو اڳتي هلي شڪر مان سڪرنڊ ۾ تبديل ٿي ويو. هتي لاءِ مشهور آهي هتي چنبيليءَ جا گل پيدا ٿين ٿا. ميرن جو ڍنڍ جي وچ تي محلات اڏيو ميرن جي دور حڪومت ۾ هڪ قلعو دليل ديرو تقسيم ڪرايو جيڪو اٺن ايڪڙن ۽ ٻٽن گهٽين تي مشتمل آهي. ويڪر 22 فٽ ۽ اوچائي 60 فٽ آهي 12 مورچا اٿس تاريخ جي حوالي سان چهانهون جو دڙو، دليل ديرو، لڏهار، فتح آباد قلعو، وينجهورو، ڪمب ليمان مسجد، جيو جنگ شهيد، حمل فقير درگاهه قائم آهي. سڪرنڊ ۾ 1935ع ۾ انگريزن ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي، جنهن سان هن شهر جي قسمت کلي روهڙي ڪئنال هن شهر مان وهي ٿو. تاريخ جي لحاظ سان سرسبز، شاداب ۽ خوشحال علائقو هت ڪيو ويو آهي. هن علائقي جي سياسي شخصيتن محرابپور جا سيد، سيد پير شاهه، سيد اسحاق شاهه، سيد حسن بخش شاهه، سندس فرزند شبير احمدشاهه، جيڪو صوبائي قومي اسيمبلي جو ميمبر رهي چڪو هو ۽ سندس ٻيو ڀاءُ بشير احمد شاهه وزير به رهي چڪو آهي، سيد غلام مصطفي شاهه عرف مير شاهه قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ غلام علي شاهه تعلقي جو ناظم آهي.حاجي امام علي انڙ جي گڏجي خاندان مان سندس فرزند غلام رسول انڙ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ، صلاحڪار ۽ نگران وزير به رهي چڪو آهي. ڳوٺ شهمير راهو جي حاجي الهداد خان راهو جي خاندان مان سردار مشتاق راهو سنڌ حڪومت ۾ صلاحڪار رهي چڪو آهي. ميرن جي دور حڪومت جا نواب لغاري کي مير خانلغاري سڪرنڊ جي ويجهو جاگير ملي مشهور شاعر حمل فقير به هن ڳوٺ جو رهاڪو هو. غلام شاهه لغاري يوسي ناظم به رهي چڪو آهي. سڪرنڊ تعلقي اندر ڳوٺ مجيد ڪيرئي جي سائين جي ايم سيد جو فرزند امداد محمد شاهه سياسي ۽ سماجي حوالي سان تمام گهڻي ڳوٺ اندر رستا، اسڪول، اسپتالون ۽ ٻيا ترقياتي ڪم امداد محمد شاهه جي خدمت جو نتيجو آهن. سنڌ اسيمبلي جا ميمبر رهيا سندس فرزند جلال محمود شاهه سنڌ اسميبلي جو ميمبر ۽ ڊپٽي اسپيڪر رهيو. هن وقت ايس يو پي جي پليٽ فارم تان سرگرم عمل آهي. سندس ٻيو ڀاءُ زين شاهه پڻ ساڳئي پليٽ فارم تان سياست عمل پيرا آهي. ايم آر ڊي جي شهيدن جو شهر پنهل خان چانڊيو سياست ۾ سرگرم رهيو. سندس فرزند غلام عباس چانڊيو صوبائي صلاحڪار رهيو، ٻيو فرزند غلام قادر چانڊيو پ پ شهيد بينظير آباد جو صدر ۽ ايم پي اي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهي. ڳوٺ ڪرم علي جمالي جو مير مقبول جمالي مشهور زميندار ۽ سياسي حل چل ۾ سرگرم آهي. دڙي مگسي علي نادر علي مگسي سياسي حوالي سان سرگرم آهن. عبدالستار ڪيريو ڪيرين جي ذات جو سردار ۽ سياسي حوالي سان سرگرم آهي. موراڻي جا لاکا ، حاجي الله بخش لاکو، نور محمد لاکو سياسي حوالي سان محترڪ ڪردار آهي. سڪرنڊ جي علي اصغر رند ان جو به سياسي ڪردار آهي.
ادبي حوالي سان به هي علائقو تمام زرخيز آهي. مشهور شاعر حمل فقير، ڇٽو فقير ، حاجي محمد سمون ، حافظ فيض محمد جمالي، خليفو محمد خان جمالي، درد علي حسن مري، دوست محمد لکير ، ڌڻي بخش ملاح، سونو ملاح، شير محمد لغاري، تاج جويو، خاڪي جويو،ضيا خيانروي ، پير الرحمان عالمگير،مولوي عبدالعزيز چانڊيو، مولوي عبدالله کڏهري، علي بخش نوناري، مولوي غلام رسول جمالي، عبدالرسول قادري ، قائم الدين خاصخيلي ، ڪرام الاهي چنا ڪرت پاڀاڻي الطاف سومرو لطيف پيرزادو ماڻڪ ملاح ، محمد جعفر سمون، محمد صديق مڱيو، محمد ملوڪ انڙ ، مشتاق سومرو، ڊاڪٽر مظهر سومرو، حڪيم معين الدين خياروي، منور ملاح ، مير حسن لاکو، مير محمد پيرزادو، هدايت ڪيريو، نبي بخش چانڊيو،نواز ڏاهري، هدايت الله قريشي، مشهور ڊاڪٽر اسماعيل کوکر، الاهي بخش سومرو، اي.ڊي ڪيريو، ڊاڪٽر محبوب الاهي،ڊاڪٽر غلام نبي انڙ (آمريڪا)، ڊاڪٽر نظام الدين لاشاري، سيد حاجن شاهه، ڊاڪٽر شفيق منگيو، ڊاڪٽر مسعود خاصخيلي، ڊاڪٽر رحيم جمالي، ڊاڪٽر مسعود ميمڻ ، ڊاڪٽر پريم چند، ڊاڪٽر رحيم جمالي، ڊاڪٽر شفقت گل، مشهور صحافي عاجز جمالي، غلام قادر چانڊيو، رمضان چانڊيو، آصف شيرازي، قاضي جاويد، مشهور لوڪ فنڪار پنهل فقير، ڪڙيو فقير، محمد عظيم ملاح، مشهور سماجي ورڪر قربان شاهه، حميد آرائين ، خير محمد چنا، مشهور ملهه حمزو حجم، مينهون جلالاڻي، مشهور تاريخي ماڳ، دليل ديرو، ونجهورو، ڪنب ليمان مسجد، شڪر ڍنڍ۽ فتح آباد آهن. مشهور درگاهون خياري شريف، درگاهه حمل فقير، درگاهه پير ذاڪري، پير شاهه جيلاني آهن. تعلقي سڪرنڊ جي ڪل آبادي 391150 آهي ۽ 12 يونين ڪائونسل: سڪرنڊ1، سڪرنڊ2 ، پير ذاڪري، ماروي، ڀورا، گوهرام مري، محراب پور، حمل فقير، ڪنب ليمان، کڏهر، ڪرم علي جمالي،۽ دليل ديرو آهن. تعلقي جا مشهور ۽ وڏا ڳوٺ ماڙي جلباڻي، ماڙي سابڪي، دڙي مگسي، پنهل خان چانڊيوآهن،.
تعلقي سڪرنڊ ۾ ڪيترائي پرائمري ،مڊل ۽ هاءِ اسڪول هڪ ڊگري ڪاليج، وٽرنري يونيورسٽي، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جو تحقيقي ادارو، پوليس ڪمانڊو ٽريننگ سيٽرآهن. صنعتي لحاظ سان سڪرنڊ شگر مل، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن،۽ ڪيترائي ڦٽيون ٽاڻڻ جا ڪارخانا آهن.سڪرنڊ جي اولهه طرف مشهور شڪار گاهه پئي ٻيلو آهي.نانگ جي بچاءُ جي ويڪسين تيار ڪرڻ جو تحقيقي ادارو پڻ قائم ڪيو ويو آهي. تعلقي سڪرنڊ ۾ هڪ تعلقه اسپتال، ٻه آر.ايڇ.سي.سينٽر، 10 بنيادي صحت مرڪز ۽ ڪيتريون ئي گورنمينٽ ڊسپينسريون صحت جون سهولتون مهيا ڪري رهيون آهن.سڪرنڊ جي اولهه طرف مڏ وٽ سنڌو درياءَ بند سان ٽڪرائجي ٿو. ٻوڏ دوران اهو منظر ڏسڻ جهڙو آهي. سنڌو درياءَ تي ميڪارو بند وٽان پل زير تعمير آهي. مجموعي طور تعلقو سڪرنڊ سياسي سماجي، ادبي، حوالي سان نهايت ئي سنڌ جو ذرخيز علائقو آهي.

يونين ڪاؤنسلون

سڪرنڊ تعلقي ۾ هيٺيون يونين ڪاؤنسلون آهن.
  1. ڪنب ليمان
  2. حمل فقير
  3. سڪرنڊ
  4. دليل ديرو
  5. پير ذاڪري
  6. ماروي
  7. محراب پور
  8. ڀورا
  9. گهرام مري
  10. کڏهر
  11. ڪرم جمالي
Reference: Wikipedia

No comments:

Post a Comment