Showing posts with label Larkana. Show all posts
Showing posts with label Larkana. Show all posts

Monday, May 29, 2017

Ali Akbar Keerio , Sukrand

​سنڌ ۽ انسانيت دوست . خوشحالي لا جدو جهد ڪندڙ نوجوان ايڊوڪيٽ علي اڪبر ڪيريو جو تعلق ڳوٺ نٿو ڪيريو تعلقه سڪرنڊ سان آهي . پاڻ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا نائب صدر تعلقه سڪرنڊ آھن. پاڻ 8 سالن کان ايس ٽي پي جا ميمبر آهن. پاڻ هڪ غريب خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ زندگي جي بي رحمين سان جنگ ڪري به تعليم جهڙي زيور کي حاصل ڪيو. پاڻ اهي انسان آهن جن بنا خوف ذيادتين جي خلاف هميشه احتجاج ڪيو ۽ سچ جا ساٿي رهيا. سندس جذبي جو دل جي گهراين سان احترام آهي ۽ سندس معاشرتي بهتري لا ڪاوشن تي اسان کي ناز آهي. دعاگو آهيون ته رب سائين سندن جذبي ۽ ڪاوشن سان گڏو گڏ سندن زندگي ۾ به برڪت وجهي ۽ پاڻ هميشه خوش رهن آمين.

Sunday, May 28, 2017

Majeed Keerio , A bold Press reporter

هي سماج الائي مذاق ڪندڙ آهي پر جهڙي طرح سان مزاق ڪندو آهي اهو انسان کي کلائڻ بدران اکين مان لڙڪ وهائي ڇڏيندو آهي. ڪيڏو نه مذاق ٿو ڪري جو هڪ ڏينهن اکين مان پاڻي به ائين ئي ختم ٿي ويندو آهي جيئن ٿرپارڪر جي زمين پٿر ٿي ويندي آهي ۽ اتي جا رهواسي پاڻي لا سڪندا آهن. ساڳئي طرح انسان اندر کي مليل ناسورن تي روئندي روئندي به لڙڪ به ناهي وهائي سگهندو. مزاق جو هڪ اهڙو به الميو هوندو آهي لوه ۽ سخت پٿرن کي ڪثڻ واري کي مزدور ٖ جاهل ٖ بيوقوف ٖ چريو ۽ ناڪام چوندو آهي مگر رئيس پنهجي بنگلي تي آرام ڪندي ڪندي آساني سان مهان ۽ هيرو سڏيو ويندو آهي.

ڪاش ڪو عظيم رهبر جي ايم سيد جي پکين ۽ جانورن جي پيار کي سمجهي ڪنهن انسان کي اهڙو ئي پيار ڏئي ها ته اڄ ڪنهن جي چهري تي ڪاوڙ نه هجي ها ٖ ڪنهن جي دل ٽٽل نه هجي ها ٖ ڪو نفرتن و تعصبن ۾ زندگي نه گذاري ها.

اڄ جو مجيد ڪيريو ڀريا روڊ جو رپورٽر سڏجندڙ انسان معروف ته آهي ليڪن اها خبر ته هر ڪنهن کي ناهي ته هن انسان زندگي کي ڪيئن گذاريو آهي. انهن جي بچپن ۾ سندن گذارو صرف هڪ مينهن جي کير تي هوندو هو جنهن سان زنده رهڻ لا عيال جو پيٽ ڀربو هو. پاڻ در در قسمت آزمائڻ لا مختلف سفر ڪيا. ڪڏهن تنگاريون کڻي مزدوري ڪرڻ ته وري ڪڏهن موٽر سائيڪل ڪرائي تي هلائڻ ۽ آئيس ڪريم کپائڻ. پاڻ روشنين جو شهر سڏجندڙ امير شهر ڪراچي جا پيٽ خاطر پنڌ به ڪيا. ليڪن نه ته اهو روشنين جو شهر انهن جي غريب گهر کي روشن ڪري سگهيو نه ئي وري اهو امير شهر انهن جي غريبي کي مٽائي سگهيو. پاڻ ڪراچي ۾ پي سي او تي ڪم به ڪيو ته سيڪيورٽي گارڊ طور ڪم به ڪيو ليڪن نه ئي ڪٿان ڪا خوشحالي جي ڪال آئي نه ئي وري ڪو انسان انهن جو سيڪيورٽي گارڊ ٿيو. 17 سال پهرين زندگي جون ڪيل زيادتيون صحافت طرف کڻي آيون ۽ ايتري عرصي کان هاڻي زندگي هنن سان ناهي پئي راند رهئي پر پاڻ هر پل زندگي سان راند پيا رهن.. ڪهڙو به انساني حقن جو مسئلو هجي يا ظالم ڪيترو ئي پهلوان ڇو نه هجي مگر ڀريا سٽي جو ٖ عوامي آواز اخبار ۽ ٽي وي ٖ پاڪ اخبار جو رپورٽر ٖ ساٿ نيوز جو چيف ايڊيٽر مجيد ڪيريو

ان کي ناهي بخش ڪندو ۽ انکي شڪست ڏيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو آهي.
اسانکي سندس انهن جذبن تي ناز آهي ۽ دعاگو آهيون ته سدائين جيئندا رهن آمين.