Showing posts with label Badin. Show all posts
Showing posts with label Badin. Show all posts

Sunday, May 28, 2017

Majeed Keerio , A bold Press reporter

​هي سماج الائي مذاق ڪندڙ آهي پر جهڙي طرح سان مزاق ڪندو آهي اهو انسان کي کلائڻ بدران اکين مان لڙڪ وهائي ڇڏيندو آهي. ڪيڏو نه مذاق ٿو ڪري جو هڪ ڏينهن اکين مان پاڻي به ائين ئي ختم ٿي ويندو آهي جيئن ٿرپارڪر جي زمين پٿر ٿي ويندي آهي ۽ اتي جا رهواسي پاڻي لا سڪندا آهن. ساڳئي طرح انسان اندر کي مليل ناسورن تي روئندي روئندي به لڙڪ به ناهي وهائي سگهندو. مزاق جو هڪ اهڙو به الميو هوندو آهي لوه ۽ سخت پٿرن کي ڪثڻ واري کي مزدور ٖ جاهل ٖ بيوقوف ٖ چريو ۽ ناڪام چوندو آهي مگر رئيس پنهجي بنگلي تي آرام ڪندي ڪندي آساني سان مهان ۽ هيرو سڏيو ويندو آهي.

ڪاش ڪو عظيم رهبر جي ايم سيد جي پکين ۽ جانورن جي پيار کي سمجهي ڪنهن انسان کي اهڙو ئي پيار ڏئي ها ته اڄ ڪنهن جي چهري تي ڪاوڙ نه هجي ها ٖ ڪنهن جي دل ٽٽل نه هجي ها ٖ ڪو نفرتن و تعصبن ۾ زندگي نه گذاري ها.

اڄ جو مجيد ڪيريو ڀريا روڊ جو رپورٽر سڏجندڙ انسان معروف ته آهي ليڪن اها خبر ته هر ڪنهن کي ناهي ته هن انسان زندگي کي ڪيئن گذاريو آهي. انهن جي بچپن ۾ سندن گذارو صرف هڪ مينهن جي کير تي هوندو هو جنهن سان زنده رهڻ لا عيال جو پيٽ ڀربو هو. پاڻ در در قسمت آزمائڻ لا مختلف سفر ڪيا. ڪڏهن تنگاريون کڻي مزدوري ڪرڻ ته وري ڪڏهن موٽر سائيڪل ڪرائي تي هلائڻ ۽ آئيس ڪريم کپائڻ. پاڻ روشنين جو شهر سڏجندڙ امير شهر ڪراچي جا پيٽ خاطر پنڌ به ڪيا. ليڪن نه ته اهو روشنين جو شهر انهن جي غريب گهر کي روشن ڪري سگهيو نه ئي وري اهو امير شهر انهن جي غريبي کي مٽائي سگهيو. پاڻ ڪراچي ۾ پي سي او تي ڪم به ڪيو ته سيڪيورٽي گارڊ طور ڪم به ڪيو ليڪن نه ئي ڪٿان ڪا خوشحالي جي ڪال آئي نه ئي وري ڪو انسان انهن جو سيڪيورٽي گارڊ ٿيو. 17 سال پهرين زندگي جون ڪيل زيادتيون صحافت طرف کڻي آيون ۽ ايتري عرصي کان هاڻي زندگي هنن سان ناهي پئي راند رهئي پر پاڻ هر پل زندگي سان راند پيا رهن.. ڪهڙو به انساني حقن جو مسئلو هجي يا ظالم ڪيترو ئي پهلوان ڇو نه هجي مگر ڀريا سٽي جو ٖ عوامي آواز اخبار ۽ ٽي وي ٖ پاڪ اخبار جو رپورٽر ٖ ساٿ نيوز جو چيف ايڊيٽر مجيد ڪيريو

ان کي ناهي بخش ڪندو ۽ انکي شڪست ڏيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو آهي.
اسانکي سندس انهن جذبن تي ناز آهي ۽ دعاگو آهيون ته سدائين جيئندا رهن آمين.


آفتاب ڪيريو وليج قبول ڪيريو

ڪجه انسان اهڙا هوندا آهن جن جي شخصيت ۾ ايتري ته سچائي هوندي آهي جو لفظ به انهن جي شخصيت کي ڀيٽڻ لا ڪافي ناهن هوندا. مگر وري به انهن جي حوصلا افزائي خاطر ڪجه جملن جو سهارو وٺڻو ٿو پوي ۽ انهن جي لا دل ۾ پيدا ٿيل تاثرات کي دل کان ٻاهر ڪڍڻو ٿو پوي. آئون جڏهن ڳوٺ قبول ڪيريو سان تعلق رکندڙ نوجوان جي محنت کي ڏسندو آهيان ته دل باغ و بهار ٿي ويندي آهي ۽ آرزو پيدا ٿيندي آهي ته ڪاش هر سنڌ واسي تعليم ٖ شعور ۽ سماجي خدمتن تي زور ڏئي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن سنڌ ڌرتي جنت جيان لڳندي جتي محبت ٖ قرب ۽ ھڪ ٻئي جا هڏو ڏوکي انسان هوندا. جتي نه ته ڪنهن مسجد ۽ مندر تي ۽ نه ئي وري ڪنهن قلندر جهڙي نگري تي دهماڪا ڪيا ويندا. نه ئي ڪنهن معصوم نياڻي سان زيادتي ڪئي ويندي نه ئي ڪنهن عورت کي عزت جي نالي قتل ڪيو ويندو. پر صرف ۽ صرف شڪر هوندو ٖ صبر هوندو ٖ موجون هونديون.
ڳوٺ قبول ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان سان تعلق رکندڙ آفتاب ڪيريو اهو نوجوان آهي جنهن نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان پنهجي علائقي جي ماڻهن جي تعليم جي حوالي سان خدمت ڪئي ۽ گڏو گڏ غريب ۽ اٻوجه ماڻهن جي انهن حالتن ۾ مدد ڪئي جڏهن قدرتي آفتن . انهن جي زندگين کي ايترو متاثر ڪيو جو روڊ رستا به پاڻي جي لپيٽ ۾ ھئا.
ڪيريو دنيا سندس ڪيل خدمتن کي سرخ سلام پيش ڪري ٿي ۽ گڏو گڏ دعاگو آهي ته مولا سائين سدا سلامت رکين. آمين.