Sunday, May 28, 2017

Lecturar Shafiq Ahmed Keerio, Inspirational Success story

محترم شفيق احمد ڪيريو جو جنم ڳوٺ قبول ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان .سان تعلق رکندڙ هڪ هاري مير محمد ڪيريو جي گهر ۾ ٿيو ۽ کين ابتدائي تعليم جي لا گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول تاج محمد ڪيريو ۾ داخل ڪيو ويو انکان پوء اٺين ڪلاس تائين ڳوٺ قبول ڪيريو جي مڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو جنهن جو موجوده نالو گورنمنٽ ڪيمپس اسڪول قبول ڪيريو آھي. کين مئٽرڪ جي تعليم جي لا مالي وسائل گهٽ ھئڻ جي باوجود به ٽنڊو محمد خان شھر جي مايه ناز و معروف اسڪول. دارالعلوم هاء اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ انٽرميڊيٽ تعليم لا مخدوم بلاول ڪاليج ٽنڊو محمد خان ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ انکان پو۽ يونيورسٽي تعليم جو انتهائي گهڻو شوق هئن جيتريقدر سندن والدين جا ايترا وسيلا نه هئا.پر شفيق ڪيريو اهو نوجوان آھي جنهن جفاڪشي ۽ جدو جهد کي جاري رکيو هر گهڙي يونيورسٽي جي تعليم پوري ٿيڻ تائين هي نوجوان قبول ڪيريو کان ڄامشورو جي سفر کي ڪئين طئي ڪندو هو اهو بهادري جو مظاهرو آھي. پاڻ روڊ تان اجنبين کان لفٽ وٺي بغير ٽڪيٽ جو سفر طئي ڪيو ۽ حيدر آباد ۽ ڄامشوري جهڙي اجنبي شھر ۾ ڪڏهن ڪنهن دوست وٽ ته ڪڏھن ڪنهن دوست وٽ رهائش ڪري به وقت کي ٽاريندا هئا.. تاريخ ۾ اهئي ڏينهن اڄ به زنده آھن ته پاڻ طعنا به برداشت ڪيا مگر همت نه هاري. پاڻ اڄ باٽني سبجيڪٽ جا ڪميشن جي امتحان جي ذريعي ليڪچرار آھن ۽ موجوده وقت ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچي ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آھن. سندن ۽ سندس والدين جي جدوجهد کي سرخ سلام آهي ۽ اها جدوجهد ايندڙ نسل جي لا مثبت تحرڪ آھي ته وسائل نه هئڻ جي باوجود به انسان ڪوششن سان ڪاميابي حاصل ڪري
اوهانکي ڪيئن لڳي هڪ حقيقي ڪهاڻي ؟؟؟؟

No comments:

Post a Comment