Sunday, May 28, 2017

راجا ارشاد ڪيريو سڪرنڊ

سن 2000۾ جسقم پاران ڳوٺَ مجيد ڪيريو سڪرنڊَ ۾ شٽربند هڙتال ڪرائي پئي وئي ته پاڻ رونشي کي ڏسڻ لا ديشين سان گڏ ويا ۽ نتيجي ۾ پوليس ۽ ديشين جي ڇڪتاڻ ۾ زخمي ٿي پيا. ان واقعي تي BBC جهڙي اداري به ٻين ادارن سان ڳڏ ڪوريج ڏني.
شاگردن جو مهرا ڻ يونيورسٽي جي اندر حاضري پوري نه هئڻ جي ڪري سڄو سال پوئتي ڪيو ويندو هو ان پاليسي جي خلاف شاگردن جو آواز بڻجڻ لا اينٽي ٽرم بيڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جو چيئرمين مقرر ٿيا. ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيا.
بردار ۾ تعليم کي فروغ ڏيارڻ لا يونيورسٽي جي شاگردن ملي ڪري هڪ ڪيريا ايڊيوڪيشنل سو سائٽي آرگنائزيشن جو بنياد وڌو ان ۾ راجا ارشاد ڪيريو سان گڏ عبدا لجبار ڪيريو ٖ مير علي ڪيريو ٖ عبد الغفور ڪيريو ۽ ٻيا شامل هئا. جنهن جون چار گڏجاڻيون ڪوٺرايون ويون جن ۾ سنڌ جي مختلف وسندين کان بردار جي معززن شرڪت ڪئي. پاڻ ان تنظيم جي ڪيبنٽ ۾ به وائيس پريزيڊنٽ طور پنهجو ڪردار سر انجام ڏنو.
پاڻ سندن سياسي ڪيريئر جو آغاز 2015 کان ڪيو آهي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا ميمبر آهن. جيتريقدر پاڻ سماجي بهتري لا ماضي جيان جدو جهد ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا. مگر اڃان سياسي ميدان ۾ ڪو اهڙو موقعو ناهي مليو پر خواهش آهي ته عوام جي خدمت ڪري سگهن.
اوهان کي راجا ارشاد ڪيريو جو ڪردار و شخصيت ڪيئن لڳي ؟ مثبت ڪمينٽ ڪري محبت ۽ عزت کي فروغ ڏيڻ ۾ ساٿ ڏيو.