Sunday, May 28, 2017

مرحوم جان محمد ڪيريو عرف جاني سرهاڙي

​ابتدائي پرورش ۾ پاڻ کي فقير سمجهڻ ۽ سڏائڻ شامل هجي ۽ غريبن کي اذيت نه ڏيڻ هجي.. ۽ خاندان جو بزرگ ويندي ويندي وصعيت ۾ به ڪنهن صوفي جي عمر ڀر پيروڪاري جو چيو ويو هجي.. اهو انسان اگر دنيا جي سڀني غريبن جو همدرد به ٿي وڃي ته ان کي پهرين غريب همدرد نه چئبو بلڪه هڪ فرمانبردار اولاد چوڻ گهرجي ۽ سچو فرمانبردار مخلص به ٿي سگهي ٿو. انکي اهو چوڻ به جائز چئبو ته ان پنهجي عمل سان پنهجي بزرگن کي زنده رکيو. ان لا اهو به چوڻ جائز ٿيندو ته اهو بزرگن جو سچو پيروڪار ۽ سچو عاشق هو. ڪيسابيانيڪا بيت ۾ هڪ فرمانبردار اولاد جي عڪاسي ان ريت ڪئي وئي آهي ته معصوم ڇوڪرو پنهجي والد جي حڪم جي انتظار ۾ شپ ۾ آيل خطري کان پاڻ کي نٿو بچائي پر والد جي فرماني خاطر زندگي وڃائي ويهي ٿو. اهڙن فرمانبردار انسانن ۾ سرهاڙي جي مايه ناز خاندان جو فرزند جان محمد عرف جاني جو ذڪر به ليکيو وڃڻ گهرجي جنهن ان دور ۾ والدين جي فرماني به نه ڇڏي جڏهن حالات خطرن جي طرف هئا ۽ وڙهندو رهيو ..وڳندو رهيو.. هو ته والدين جو فرمانبرداري ۾ زندگي پوري ڪري ويو. مگر ان غريب جي نظر سان ڏسجي جنهن لا خدا کانپوء صرف جاني ئي سهارو هو ته اهو هاڻي اهو سوال ضرور ڪندو هوندو ته وري جاني ڪڏهن انهن جي زندگي ۾ ايندو. وري جڏهن انهن جي زندگين کي ڪو حرام خور کي .. ڪو ظالم. ڪو فرعون .. جڏهن ڏنگيندو ته ڪير بهادر سپاهي جيان انهن لا وڙهندو…؟. هن دنيا ۾ هر انسان هڪ مسافر آهي جنهن کي پنهجي اصل مقام تي ضرور وڃڻو آهي مگر هي فقير مسافر پنهجي زندگي جي سفر ۾ ڪافي سوال ڇڏي ويو آهي. انهن جي اکڙين مان لڙڪ لاڙي ويو آهي جن کي اڪثر اهو اگهندو هو.. انهن کي بي سهارو ڪري ويو آهي جن جو دنياوي سهارو صرف اهو ئي هو. انجو وڇوڙو نه صرف سندس خاندان کي يتيم ڪري ويو آهي بلڪه انهن مظلوم انسانن کي به يتيم ڪري ويو آهي.

سندس جسم کي موت ضرور آيو آهي پر سندس يادن کي شايد ڪڏهن به نه اچي سگهي ۽ سندس نيڪ عمل دلين مان ڪڏهن به نه نڪري سگهن.
سندن فطرتن ٖ عادتن ٖ همدردين ۽ عاجزين تي ناز آهي. دعا آهي ته رب پاڪ سندس اهل وعيال ٖ دوستن ۽ احبانن ۽ عقيدتمندن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي .آمين
ڇا اوهان اهڙي انسان کي مان ڏئي حق ۽ سچ کي فروغ ڏيندا؟ اگر اوهان قدر نه ڪندا ٿا ته وري ڪوئي اوهان لا نه اٿندو ۽ اوهانکي بي قدرو چوندو.