Sunday, May 28, 2017

سردار گل حسن ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان

ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ قبول ڪيريو جو حقيقي خانداني سردار گل حسن ڪيريو هڪ اهڙي شخصيت جو فرزند آهي جيڪا پنهجي وقت جي بادشاه هئي ٖ ان شخصيت جي وقت ڪنهن به غير کي اها اجازت نه هوندي هئي ته اهو ڳوٺ قبول ڪيريو جي رعيت تي ظلم ڪري يا ڪو ٻيو ان ڳوٺ واسي سان ناجائزي ڪري. سندن والد مرحوم محمد عثمان جو اهو روب به رهيو ته ڪنهن به ڳوٺ واسي تي ڪو ڪيس به اگر ٿيو هو ته پوليس کي به ايتري.جرئت نه هوندي هئي ته ڳوٺ ۾ داخل ٿي سگهي.

جيتريقدر سردار گل حسن ڪيريو ان مرحوم ھستي جو اولاد جي حيثيت سان هتي جي ڪيريو بردار ۾ تمام گهڻي عزت ۽ اهميت رکن ٿا ۽ ويجهيون برداريون به انهن تي اعتماد ڪن ٿيون. پاڻ ڪافي عرصي کان سياسي و سماجي سرگرمين ۾ به پنهجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ موجوده وقت ۾ پنهجي يونين ڪائونسل جي عوامي و ترقياتي مسئلن تي سنجيدگي سان قدم کڻي رهيا آهن.
دعا آهي ته رب پاڪ سردار گل حسن ڪيريو کي همت ڏي ته والدين جي نقش قدم تي هلي انهن جي وڇوڙي کان پوء پيل خالن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪن. آمين.
اوهانکي سردار گل حسن ڪيريو جي شخصيت ڪيئن لڳي. مثبت ڪمينٽ ڏئي حوصلا افزائي ڪندا.


No comments:

Post a Comment