Sunday, May 28, 2017

Bahar ud din Keerio , A Honest Police man

​بهادر الدين ڪيريو ; پوليس کاتي سان وابسته اهو انسان جنهن پنهجي نوڪري تقريبن سنڌ جي ڪافي گهڻن علائقن ۾ سرانجام ڏني انهن علائقن ۾ مختلف شهرن جهڙوڪ ڪشمور ٖ ڪنڌ ڪوٽ ٖ اوٻاڙو ٖ گهوٽڪي ٖ پنو عاقل ٖ شڪارپور ٖ جهرڪ ٖ سجاول ٖ مير پور بٺورو ۽ جيڪب آباد شامل آهن ۽ موجوده وقت ۾ سندن فرض بحيثيت ايس اڇ او باڊه ٖ تعلقه ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو ۾ ادا ڪري رهيا آهن .پاڻ پوليس کاتي ۾ بحيثيت ASI سال 1992 ۾ ڀرتي ٿيا جڏهن ته انکان پهرين واپڊا کاتي ۾ لائن مين جي حيثيت سان چار کان پنج سال نوڪري به ڪيائون
پاڻ پنهجي والدين جا اڪيلا فرزند هئا ۽ سندن ابتدائي تعليم و پرورش وقت سندن والد جو تعلق هڪ مڊل ڪلاس جي گهراڻي سان هو ۽ گريجوئشن تائين تعليم حاصل ڪيائون.
پاڻ هڪ سئو گهرن تي مشتمل قديمي ڳوٺ پيرو لکمير ڀرسان ايئرپورٽ ڪالوني يونين ڪائونسل نمبر چار( 4) سان تعلق رکن ٿا.۽ سندن ڳوٺ نوابشاه کان ڏيڊ کان ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.. سندن ڳوٺ بنيادي سهوليتن سان فيضاب آهي ۽ تعليم حوالي کان به پوئتي پيل ناهي.
پوليس کاتي جي هن ملازم هميشه دوستن و احبابن سان سماجي رابطن کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس کاتي ۾ رهي ڪري هڪ صوفي انسان ٿي رهيو بلڪه نه شراب نه شباب ۽ نه ئي ڪنهن نشي جو عادي ٿيو.. هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ هئڻ سان گڏو گڏ هڪ بهترين والد به ثابت ٿيو. پنهجي اولاد جي تعليم و تربيت تي خاص توجه ڏنائون ۽ سندن هڪ فرزند عبدا الحميد ڪيريو لوڪل گورنمنٽ ۾ ميهڙ ۾ بي پي ايس 16 جو ملازم آهي ٖ ٻيو فرزند مرتضي ڪيريو ٖ جن يونيورسٽي آف سنڌ مان BCS , M.A (Sociology ) ۽ LLB سيڪنڊ ايئر جا شاگرد آهن ۽ ٽيو فرزند سجاد احمد جيڪو انٽر (پري انجنيئرنگ )پنجاب گروپ آف ڪاليجز حيدر آباد ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
سندن حقيقي ڪهاڻي ان ڳاله جو ثبوت ڏئي رهي آهي ته انسان جو ايمان مظبوط هجي ۽ مخلص هجي ته سماجي برايون انسان تي حاوي نٿيون ٿي سگهن .
اوهان کي سندن شخصيت ڪيئن لڳي ؟

No comments:

Post a Comment