Sunday, May 28, 2017

Dr.Atta Muhammad Keerio , Sukrand

اڄ جو مايه ناز انسان زندگي جي مشڪلات لمحن مان گذريو آهي. پر انسان جي فطرت رهئي آهي ته ڪنهن کي ڪنهن جي شهرت نٿي وڻيڊاڪٽر عطا محمد ڪيريو کي تعليم يافته بڻائڻ ۾ سندن والده محترم جو تمام اهم ڪردار رهيو.ڊاڪٽر صاحب پنهجي ايڊيوڪيشن جي دوران به ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر جي حيثيت سان ڪم انڪري ڪندا هئا ته جيئن تعليمي اخراجات به پورا ٿي سگهن ته پروفيشنل صلاحيتن ۾ نکار اچي سگهي. ڊاڪٽر صاحب 16 سال تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ پنهجون پروفيشنل خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ بي پي ايس 18 تي رٽائرڊ ٿيا. پاڻ سندن رهائش کان 20 ڪلو ميٽر پري پنج موري ۾ هڪ لاڳاتار عرصي کان ڪلينڪل پريڪٽس ڪري رهيا آهن. سندن ميڊيڪل اسپيشلٽي ٽي بي ۾ آهي. ٽي بي اڪثر اهو مرض آهي جيڪو 90 سيڪڙو تمام غريب طبقي جي ماڻهن کي اڪثر غربت جي سبب ٿئي ٿو ۽ سندن واسطو اڪثر ان غريب طبقي جي خدمتن سان رهيو. پاڻ جنهن دور مان گذريا ان دور انهن کي اٻوجه ۽ بي سهارا قوم لا احساس و محبت ڏني.ڊاڪٽر عطا محمد ڪيريو جهڙن انسانن جو اسان جي معاشري ۾ هميشه خدمتن کي سلام ڪندااهم ڪردار رهيو آهي جيڪو هڪ مثالي ڪردار آهي.اوهان هڪ مثالي ڪردار ادا ڪندڙ هستي جي نيڪ 

Majeed Keerio , A bold Press reporter

هي سماج الائي مذاق ڪندڙ آهي پر جهڙي طرح سان مزاق ڪندو آهي اهو انسان کي کلائڻ بدران اکين مان لڙڪ وهائي ڇڏيندو آهي. ڪيڏو نه مذاق ٿو ڪري جو هڪ ڏينهن اکين مان پاڻي به ائين ئي ختم ٿي ويندو آهي جيئن ٿرپارڪر جي زمين پٿر ٿي ويندي آهي ۽ اتي جا رهواسي پاڻي لا سڪندا آهن. ساڳئي طرح انسان اندر کي مليل ناسورن تي روئندي روئندي به لڙڪ به ناهي وهائي سگهندو. مزاق جو هڪ اهڙو به الميو هوندو آهي لوه ۽ سخت پٿرن کي ڪثڻ واري کي مزدور ٖ جاهل ٖ بيوقوف ٖ چريو ۽ ناڪام چوندو آهي مگر رئيس پنهجي بنگلي تي آرام ڪندي ڪندي آساني سان مهان ۽ هيرو سڏيو ويندو آهي.

ڪاش ڪو عظيم رهبر جي ايم سيد جي پکين ۽ جانورن جي پيار کي سمجهي ڪنهن انسان کي اهڙو ئي پيار ڏئي ها ته اڄ ڪنهن جي چهري تي ڪاوڙ نه هجي ها ٖ ڪنهن جي دل ٽٽل نه هجي ها ٖ ڪو نفرتن و تعصبن ۾ زندگي نه گذاري ها.

اڄ جو مجيد ڪيريو ڀريا روڊ جو رپورٽر سڏجندڙ انسان معروف ته آهي ليڪن اها خبر ته هر ڪنهن کي ناهي ته هن انسان زندگي کي ڪيئن گذاريو آهي. انهن جي بچپن ۾ سندن گذارو صرف هڪ مينهن جي کير تي هوندو هو جنهن سان زنده رهڻ لا عيال جو پيٽ ڀربو هو. پاڻ در در قسمت آزمائڻ لا مختلف سفر ڪيا. ڪڏهن تنگاريون کڻي مزدوري ڪرڻ ته وري ڪڏهن موٽر سائيڪل ڪرائي تي هلائڻ ۽ آئيس ڪريم کپائڻ. پاڻ روشنين جو شهر سڏجندڙ امير شهر ڪراچي جا پيٽ خاطر پنڌ به ڪيا. ليڪن نه ته اهو روشنين جو شهر انهن جي غريب گهر کي روشن ڪري سگهيو نه ئي وري اهو امير شهر انهن جي غريبي کي مٽائي سگهيو. پاڻ ڪراچي ۾ پي سي او تي ڪم به ڪيو ته سيڪيورٽي گارڊ طور ڪم به ڪيو ليڪن نه ئي ڪٿان ڪا خوشحالي جي ڪال آئي نه ئي وري ڪو انسان انهن جو سيڪيورٽي گارڊ ٿيو. 17 سال پهرين زندگي جون ڪيل زيادتيون صحافت طرف کڻي آيون ۽ ايتري عرصي کان هاڻي زندگي هنن سان ناهي پئي راند رهئي پر پاڻ هر پل زندگي سان راند پيا رهن.. ڪهڙو به انساني حقن جو مسئلو هجي يا ظالم ڪيترو ئي پهلوان ڇو نه هجي مگر ڀريا سٽي جو ٖ عوامي آواز اخبار ۽ ٽي وي ٖ پاڪ اخبار جو رپورٽر ٖ ساٿ نيوز جو چيف ايڊيٽر مجيد ڪيريو

ان کي ناهي بخش ڪندو ۽ انکي شڪست ڏيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو آهي.
اسانکي سندس انهن جذبن تي ناز آهي ۽ دعاگو آهيون ته سدائين جيئندا رهن آمين.


مرحوم جان محمد ڪيريو عرف جاني سرهاڙي

​ابتدائي پرورش ۾ پاڻ کي فقير سمجهڻ ۽ سڏائڻ شامل هجي ۽ غريبن کي اذيت نه ڏيڻ هجي.. ۽ خاندان جو بزرگ ويندي ويندي وصعيت ۾ به ڪنهن صوفي جي عمر ڀر پيروڪاري جو چيو ويو هجي.. اهو انسان اگر دنيا جي سڀني غريبن جو همدرد به ٿي وڃي ته ان کي پهرين غريب همدرد نه چئبو بلڪه هڪ فرمانبردار اولاد چوڻ گهرجي ۽ سچو فرمانبردار مخلص به ٿي سگهي ٿو. انکي اهو چوڻ به جائز چئبو ته ان پنهجي عمل سان پنهجي بزرگن کي زنده رکيو. ان لا اهو به چوڻ جائز ٿيندو ته اهو بزرگن جو سچو پيروڪار ۽ سچو عاشق هو. ڪيسابيانيڪا بيت ۾ هڪ فرمانبردار اولاد جي عڪاسي ان ريت ڪئي وئي آهي ته معصوم ڇوڪرو پنهجي والد جي حڪم جي انتظار ۾ شپ ۾ آيل خطري کان پاڻ کي نٿو بچائي پر والد جي فرماني خاطر زندگي وڃائي ويهي ٿو. اهڙن فرمانبردار انسانن ۾ سرهاڙي جي مايه ناز خاندان جو فرزند جان محمد عرف جاني جو ذڪر به ليکيو وڃڻ گهرجي جنهن ان دور ۾ والدين جي فرماني به نه ڇڏي جڏهن حالات خطرن جي طرف هئا ۽ وڙهندو رهيو ..وڳندو رهيو.. هو ته والدين جو فرمانبرداري ۾ زندگي پوري ڪري ويو. مگر ان غريب جي نظر سان ڏسجي جنهن لا خدا کانپوء صرف جاني ئي سهارو هو ته اهو هاڻي اهو سوال ضرور ڪندو هوندو ته وري جاني ڪڏهن انهن جي زندگي ۾ ايندو. وري جڏهن انهن جي زندگين کي ڪو حرام خور کي .. ڪو ظالم. ڪو فرعون .. جڏهن ڏنگيندو ته ڪير بهادر سپاهي جيان انهن لا وڙهندو…؟. هن دنيا ۾ هر انسان هڪ مسافر آهي جنهن کي پنهجي اصل مقام تي ضرور وڃڻو آهي مگر هي فقير مسافر پنهجي زندگي جي سفر ۾ ڪافي سوال ڇڏي ويو آهي. انهن جي اکڙين مان لڙڪ لاڙي ويو آهي جن کي اڪثر اهو اگهندو هو.. انهن کي بي سهارو ڪري ويو آهي جن جو دنياوي سهارو صرف اهو ئي هو. انجو وڇوڙو نه صرف سندس خاندان کي يتيم ڪري ويو آهي بلڪه انهن مظلوم انسانن کي به يتيم ڪري ويو آهي.

سندس جسم کي موت ضرور آيو آهي پر سندس يادن کي شايد ڪڏهن به نه اچي سگهي ۽ سندس نيڪ عمل دلين مان ڪڏهن به نه نڪري سگهن.
سندن فطرتن ٖ عادتن ٖ همدردين ۽ عاجزين تي ناز آهي. دعا آهي ته رب پاڪ سندس اهل وعيال ٖ دوستن ۽ احبانن ۽ عقيدتمندن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي .آمين
ڇا اوهان اهڙي انسان کي مان ڏئي حق ۽ سچ کي فروغ ڏيندا؟ اگر اوهان قدر نه ڪندا ٿا ته وري ڪوئي اوهان لا نه اٿندو ۽ اوهانکي بي قدرو چوندو.


راجا ارشاد ڪيريو سڪرنڊ

سن 2000۾ جسقم پاران ڳوٺَ مجيد ڪيريو سڪرنڊَ ۾ شٽربند هڙتال ڪرائي پئي وئي ته پاڻ رونشي کي ڏسڻ لا ديشين سان گڏ ويا ۽ نتيجي ۾ پوليس ۽ ديشين جي ڇڪتاڻ ۾ زخمي ٿي پيا. ان واقعي تي BBC جهڙي اداري به ٻين ادارن سان ڳڏ ڪوريج ڏني.
شاگردن جو مهرا ڻ يونيورسٽي جي اندر حاضري پوري نه هئڻ جي ڪري سڄو سال پوئتي ڪيو ويندو هو ان پاليسي جي خلاف شاگردن جو آواز بڻجڻ لا اينٽي ٽرم بيڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جو چيئرمين مقرر ٿيا. ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيا.
بردار ۾ تعليم کي فروغ ڏيارڻ لا يونيورسٽي جي شاگردن ملي ڪري هڪ ڪيريا ايڊيوڪيشنل سو سائٽي آرگنائزيشن جو بنياد وڌو ان ۾ راجا ارشاد ڪيريو سان گڏ عبدا لجبار ڪيريو ٖ مير علي ڪيريو ٖ عبد الغفور ڪيريو ۽ ٻيا شامل هئا. جنهن جون چار گڏجاڻيون ڪوٺرايون ويون جن ۾ سنڌ جي مختلف وسندين کان بردار جي معززن شرڪت ڪئي. پاڻ ان تنظيم جي ڪيبنٽ ۾ به وائيس پريزيڊنٽ طور پنهجو ڪردار سر انجام ڏنو.
پاڻ سندن سياسي ڪيريئر جو آغاز 2015 کان ڪيو آهي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا ميمبر آهن. جيتريقدر پاڻ سماجي بهتري لا ماضي جيان جدو جهد ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا. مگر اڃان سياسي ميدان ۾ ڪو اهڙو موقعو ناهي مليو پر خواهش آهي ته عوام جي خدمت ڪري سگهن.
اوهان کي راجا ارشاد ڪيريو جو ڪردار و شخصيت ڪيئن لڳي ؟ مثبت ڪمينٽ ڪري محبت ۽ عزت کي فروغ ڏيڻ ۾ ساٿ ڏيو.


آفتاب ڪيريو وليج قبول ڪيريو

ڪجه انسان اهڙا هوندا آهن جن جي شخصيت ۾ ايتري ته سچائي هوندي آهي جو لفظ به انهن جي شخصيت کي ڀيٽڻ لا ڪافي ناهن هوندا. مگر وري به انهن جي حوصلا افزائي خاطر ڪجه جملن جو سهارو وٺڻو ٿو پوي ۽ انهن جي لا دل ۾ پيدا ٿيل تاثرات کي دل کان ٻاهر ڪڍڻو ٿو پوي. آئون جڏهن ڳوٺ قبول ڪيريو سان تعلق رکندڙ نوجوان جي محنت کي ڏسندو آهيان ته دل باغ و بهار ٿي ويندي آهي ۽ آرزو پيدا ٿيندي آهي ته ڪاش هر سنڌ واسي تعليم ٖ شعور ۽ سماجي خدمتن تي زور ڏئي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن سنڌ ڌرتي جنت جيان لڳندي جتي محبت ٖ قرب ۽ ھڪ ٻئي جا هڏو ڏوکي انسان هوندا. جتي نه ته ڪنهن مسجد ۽ مندر تي ۽ نه ئي وري ڪنهن قلندر جهڙي نگري تي دهماڪا ڪيا ويندا. نه ئي ڪنهن معصوم نياڻي سان زيادتي ڪئي ويندي نه ئي ڪنهن عورت کي عزت جي نالي قتل ڪيو ويندو. پر صرف ۽ صرف شڪر هوندو ٖ صبر هوندو ٖ موجون هونديون.
ڳوٺ قبول ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان سان تعلق رکندڙ آفتاب ڪيريو اهو نوجوان آهي جنهن نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان پنهجي علائقي جي ماڻهن جي تعليم جي حوالي سان خدمت ڪئي ۽ گڏو گڏ غريب ۽ اٻوجه ماڻهن جي انهن حالتن ۾ مدد ڪئي جڏهن قدرتي آفتن . انهن جي زندگين کي ايترو متاثر ڪيو جو روڊ رستا به پاڻي جي لپيٽ ۾ ھئا.
ڪيريو دنيا سندس ڪيل خدمتن کي سرخ سلام پيش ڪري ٿي ۽ گڏو گڏ دعاگو آهي ته مولا سائين سدا سلامت رکين. آمين.


سردار گل حسن ڪيريو ضلع ٽنڊو محمد خان

ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ قبول ڪيريو جو حقيقي خانداني سردار گل حسن ڪيريو هڪ اهڙي شخصيت جو فرزند آهي جيڪا پنهجي وقت جي بادشاه هئي ٖ ان شخصيت جي وقت ڪنهن به غير کي اها اجازت نه هوندي هئي ته اهو ڳوٺ قبول ڪيريو جي رعيت تي ظلم ڪري يا ڪو ٻيو ان ڳوٺ واسي سان ناجائزي ڪري. سندن والد مرحوم محمد عثمان جو اهو روب به رهيو ته ڪنهن به ڳوٺ واسي تي ڪو ڪيس به اگر ٿيو هو ته پوليس کي به ايتري.جرئت نه هوندي هئي ته ڳوٺ ۾ داخل ٿي سگهي.

جيتريقدر سردار گل حسن ڪيريو ان مرحوم ھستي جو اولاد جي حيثيت سان هتي جي ڪيريو بردار ۾ تمام گهڻي عزت ۽ اهميت رکن ٿا ۽ ويجهيون برداريون به انهن تي اعتماد ڪن ٿيون. پاڻ ڪافي عرصي کان سياسي و سماجي سرگرمين ۾ به پنهجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ موجوده وقت ۾ پنهجي يونين ڪائونسل جي عوامي و ترقياتي مسئلن تي سنجيدگي سان قدم کڻي رهيا آهن.
دعا آهي ته رب پاڪ سردار گل حسن ڪيريو کي همت ڏي ته والدين جي نقش قدم تي هلي انهن جي وڇوڙي کان پوء پيل خالن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪن. آمين.
اوهانکي سردار گل حسن ڪيريو جي شخصيت ڪيئن لڳي. مثبت ڪمينٽ ڏئي حوصلا افزائي ڪندا.


A poor youth having devotion for mankind

​پنهجي علائقي ۾ ڊاڪٽر نويد احمد ڪيريو سڏجڻ ۾ پاڻ به شرم محسوس ڪري ٿو ۽ نويد نورل سڏجڻ چاهي ٿو. نويد نورل جي حقيقي ڪهاڻي اسان جي سماج جي پوئتي پيل علائقي جي فردن جي واضع عڪاسي ٿي ڪري. ڳوٺ مجيد ڪيريو جي اوڀر سائيڊ ۾ هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود ڳوٺ رسول بخش ڪيريو جو هي رهواسي مئٽرڪ پاس آهي ان تعليم دوران ڪافي قسم جون مزدوريون جن ۾ ڪيلا کپائڻ ٖ تغاري ڪرڻ ٖ لابارا ڪرڻ شامل هيون. نويد ڪيريو اعلي تعليم جو جنون ۽ خواب رکندي به معاشي مسئلن جي ور چڙهي ويو ليڪن پاڻ پنهجي ٻن ڀائرن کي تعليم يافته بنائڻ لا جدو جهد ڪري رهيو آهي. پاڻ ڳوٺ جي ڊولپمينٽ اداري ۾ ڪم ڪيو ۽ انکان پو۽ گورنمنٽ پاران WWF ٽريننگ ڪئي ۽ سرٽيفيڪٽ پڻ حاصل ڪيا.

پاڻ پنهجي علائقي ۾ جانورن جو علاج ڪندا آهن ۽ سندس معاشري ۾ خدمتن جي بدولت عزت ڪمائين اٿن صرف. پاڻ زندگي جي دردن جو اظهار شاعري ۽ ڪهاڻين ۾ ڪندا آهن. سندس تخليقون سنڌو ڊائجيسٽ ۾ پڻ شايع ٿيون آهن. ۽ موجوده ڏينهن ۾ پنهجي جذبن جو اظهار ڪرڻ لا سندن تخليقي ڪم جاري آهي..

ڇا بيرون ملڪ ۾ محنت و مزدوري ڪرڻ وارن کي معززن جا خطاب ۽ سنڌ جي ڌرتي کي سر سبز ڪرڻ واري کي سواء دربدري ۽ ٺوڪرن جي هي معاشرو ڪجه به نٿو ڏي؟

حق حلال جو پورهيو ڪرڻ واري کي ته خدا به دوست بنايو آهي پوء ڇو سماج انهن سان دشمناڻو رويو رکيو آهي؟“

ڇا ڪو غريب جو ٻار معاشري جي ماڻھن جي خدمت ڪندو آهي ته اهو صرف سٺو آهي ٖتائين ئي محدود رهجي ويندو آهي جڏهن ته دولتمند جو ٻار هيرو ۽ اڳواڻ ۽ وڏن وڏن خطابن سان نوازيو ويندو آهي.