Monday, June 19, 2017

LET US WORK TO GROW LOVE AROUND


هڪ انگريز شاعره پنهجي نظم ۾ اهو سبق ڏنو آهي ته همدردي جا معمولي لفظ دنيا کي جنت بنائي سگهن ٿا، يقينن اسان وٽ الميو اهو آهي ته بيشڪ انسان جنهن دور ۾ زندگي گزاري ٿو اهو وقت اذيت ناڪ آهي ، ڪير به ڪنهن جو پيٽ نٿو ڀري سگهي ، ڪير به ڪنهن لا ڪير به ڪنهن جا خواب سچا نٿو ڪري سگهي پر ايترو ته ضرور ڪري سگهي ٿو ته محبت و همدردي جا معمولي لفظ توڙي ڪنهن جي بهتري لا دل سان دعا ڪري سگهي ٿو، يقينن اها روايت ڪنهن جي اجهايل زندگي ۾ روشني آڻي سگهي ٿي. اچو ته محبت جو پيغام پکيڙي پنهجائپ و انسانيت کي فروغ ڏيون.

Love letters to Dr Haji Khan Keerio , Horticulturlist

Dear Keerio
Thank you for sending me another letter. You are good at

keeping relations alive. I am not good. I have moved again. I
have lived in 5 places in the city since moving back last year. My
mother is close to dying She has big tumer and her blood is
affected.. I never visit Lincoln now except to go to the quiz in
the country club. Patil and Lyn often talk about you. We would
love to see you again. I often think of you even though I am not
good at writing. Lyn says she will get a copy of a nice photo she
took of me.
September 87 MEMO TO keerio from Kathryn.
You are coming to get this letter and it is not very nice. I am all
right I feel very sad. I am not sure what to say. I don’t
understand. I was so horrible to you. Why I could not just live
peacefully. You were really good as flat mate. It was love that
upset me. I feel as if everything is changing between us and we
are separating. But maybe there will be some good in the
future.
Love
Kathryn.
27 July 1986

تعلقه سڪرنڊ ضلع شهيد بينظير آباد


سڪرنڊ تعلقو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي شهيد بينظيرآباد جو هڪ تعلقو آهي.
قديم زماني ۾ هڪ وڏو شهر هو. محقق جي تحقيق کان پوءِ ڄاڻ ملي ٿي ته چهانيون ۽ بوهيون جو دڙو، موهن جي دڙي کان پوءِ وڏا آثار قديم آهن. جيڪي جمال ڪيرئي ڀرسان 20 ايڪڙ ۽ اوچائي 50 سود آهي. وڌيڪ تحقيق مان ثابت ٿئي ٿو ته قديم زماني جو وڏو شهر هو، جنهن ۾ واپار وڏي پيماني تي هلندو هو. جنهن کي دريائي وهڪرن ۽ ٻوڏ تباهه ڪيو. ڳوٺ دليل ديرو جي اولهه طرف ٻه دڙا لڌهار جي نالن سان مشهور آهن، جيڪي سلطان علاوالدين جي لشڪر جي گهوڙن جي لڏن جي گڏ ٿيڻ وارا ٻڌايا وڃن ٿا ڏکڻ طرف شهيد جيو جنگ جو مقبرو آهي. جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته علاوالدين جي لشڪر جي طرفان هن بزرگ ۽ ساٿين کي شهيد ڪيو ويو. محمد بن قاسم جنهن آباد
وسان سيوهڻ ويندي ساوڙيءَ ڌنڌي سان ڪر بهار اچي ترسيو مخالف جي دور حڪومت کي لاکاٽ جو پرڳڻو سڏيو ويو. سڪرنڊ جي لاءِ اهو به مشهور آهي ته هتي وڏي ڍنڍ هئي هتي مهاڻا رهندا هئا. هڪ مهاڻي سڪرنڊ نالي مان هي شهر آباد ٿيو. ڍنڍ جو مٺو پاڻي ۽ لذيذ هو جنهن کي ”شڪر ڍنڍ “ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. مير فتح علي خان ڍنڍ جي ڀرسان ترسيو کيس آبهوا ۽ نظارو ڏاڍو وڻيو اتر طرف قلعو فتح آباد ٺهرايو اڳتي هلي شڪر مان سڪرنڊ ۾ تبديل ٿي ويو. هتي لاءِ مشهور آهي هتي چنبيليءَ جا گل پيدا ٿين ٿا. ميرن جو ڍنڍ جي وچ تي محلات اڏيو ميرن جي دور حڪومت ۾ هڪ قلعو دليل ديرو تقسيم ڪرايو جيڪو اٺن ايڪڙن ۽ ٻٽن گهٽين تي مشتمل آهي. ويڪر 22 فٽ ۽ اوچائي 60 فٽ آهي 12 مورچا اٿس تاريخ جي حوالي سان چهانهون جو دڙو، دليل ديرو، لڏهار، فتح آباد قلعو، وينجهورو، ڪمب ليمان مسجد، جيو جنگ شهيد، حمل فقير درگاهه قائم آهي. سڪرنڊ ۾ 1935ع ۾ انگريزن ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي، جنهن سان هن شهر جي قسمت کلي روهڙي ڪئنال هن شهر مان وهي ٿو. تاريخ جي لحاظ سان سرسبز، شاداب ۽ خوشحال علائقو هت ڪيو ويو آهي. هن علائقي جي سياسي شخصيتن محرابپور جا سيد، سيد پير شاهه، سيد اسحاق شاهه، سيد حسن بخش شاهه، سندس فرزند شبير احمدشاهه، جيڪو صوبائي قومي اسيمبلي جو ميمبر رهي چڪو هو ۽ سندس ٻيو ڀاءُ بشير احمد شاهه وزير به رهي چڪو آهي، سيد غلام مصطفي شاهه عرف مير شاهه قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ غلام علي شاهه تعلقي جو ناظم آهي.حاجي امام علي انڙ جي گڏجي خاندان مان سندس فرزند غلام رسول انڙ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ، صلاحڪار ۽ نگران وزير به رهي چڪو آهي. ڳوٺ شهمير راهو جي حاجي الهداد خان راهو جي خاندان مان سردار مشتاق راهو سنڌ حڪومت ۾ صلاحڪار رهي چڪو آهي. ميرن جي دور حڪومت جا نواب لغاري کي مير خانلغاري سڪرنڊ جي ويجهو جاگير ملي مشهور شاعر حمل فقير به هن ڳوٺ جو رهاڪو هو. غلام شاهه لغاري يوسي ناظم به رهي چڪو آهي. سڪرنڊ تعلقي اندر ڳوٺ مجيد ڪيرئي جي سائين جي ايم سيد جو فرزند امداد محمد شاهه سياسي ۽ سماجي حوالي سان تمام گهڻي ڳوٺ اندر رستا، اسڪول، اسپتالون ۽ ٻيا ترقياتي ڪم امداد محمد شاهه جي خدمت جو نتيجو آهن. سنڌ اسيمبلي جا ميمبر رهيا سندس فرزند جلال محمود شاهه سنڌ اسميبلي جو ميمبر ۽ ڊپٽي اسپيڪر رهيو. هن وقت ايس يو پي جي پليٽ فارم تان سرگرم عمل آهي. سندس ٻيو ڀاءُ زين شاهه پڻ ساڳئي پليٽ فارم تان سياست عمل پيرا آهي. ايم آر ڊي جي شهيدن جو شهر پنهل خان چانڊيو سياست ۾ سرگرم رهيو. سندس فرزند غلام عباس چانڊيو صوبائي صلاحڪار رهيو، ٻيو فرزند غلام قادر چانڊيو پ پ شهيد بينظير آباد جو صدر ۽ ايم پي اي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهي. ڳوٺ ڪرم علي جمالي جو مير مقبول جمالي مشهور زميندار ۽ سياسي حل چل ۾ سرگرم آهي. دڙي مگسي علي نادر علي مگسي سياسي حوالي سان سرگرم آهن. عبدالستار ڪيريو ڪيرين جي ذات جو سردار ۽ سياسي حوالي سان سرگرم آهي. موراڻي جا لاکا ، حاجي الله بخش لاکو، نور محمد لاکو سياسي حوالي سان محترڪ ڪردار آهي. سڪرنڊ جي علي اصغر رند ان جو به سياسي ڪردار آهي.
ادبي حوالي سان به هي علائقو تمام زرخيز آهي. مشهور شاعر حمل فقير، ڇٽو فقير ، حاجي محمد سمون ، حافظ فيض محمد جمالي، خليفو محمد خان جمالي، درد علي حسن مري، دوست محمد لکير ، ڌڻي بخش ملاح، سونو ملاح، شير محمد لغاري، تاج جويو، خاڪي جويو،ضيا خيانروي ، پير الرحمان عالمگير،مولوي عبدالعزيز چانڊيو، مولوي عبدالله کڏهري، علي بخش نوناري، مولوي غلام رسول جمالي، عبدالرسول قادري ، قائم الدين خاصخيلي ، ڪرام الاهي چنا ڪرت پاڀاڻي الطاف سومرو لطيف پيرزادو ماڻڪ ملاح ، محمد جعفر سمون، محمد صديق مڱيو، محمد ملوڪ انڙ ، مشتاق سومرو، ڊاڪٽر مظهر سومرو، حڪيم معين الدين خياروي، منور ملاح ، مير حسن لاکو، مير محمد پيرزادو، هدايت ڪيريو، نبي بخش چانڊيو،نواز ڏاهري، هدايت الله قريشي، مشهور ڊاڪٽر اسماعيل کوکر، الاهي بخش سومرو، اي.ڊي ڪيريو، ڊاڪٽر محبوب الاهي،ڊاڪٽر غلام نبي انڙ (آمريڪا)، ڊاڪٽر نظام الدين لاشاري، سيد حاجن شاهه، ڊاڪٽر شفيق منگيو، ڊاڪٽر مسعود خاصخيلي، ڊاڪٽر رحيم جمالي، ڊاڪٽر مسعود ميمڻ ، ڊاڪٽر پريم چند، ڊاڪٽر رحيم جمالي، ڊاڪٽر شفقت گل، مشهور صحافي عاجز جمالي، غلام قادر چانڊيو، رمضان چانڊيو، آصف شيرازي، قاضي جاويد، مشهور لوڪ فنڪار پنهل فقير، ڪڙيو فقير، محمد عظيم ملاح، مشهور سماجي ورڪر قربان شاهه، حميد آرائين ، خير محمد چنا، مشهور ملهه حمزو حجم، مينهون جلالاڻي، مشهور تاريخي ماڳ، دليل ديرو، ونجهورو، ڪنب ليمان مسجد، شڪر ڍنڍ۽ فتح آباد آهن. مشهور درگاهون خياري شريف، درگاهه حمل فقير، درگاهه پير ذاڪري، پير شاهه جيلاني آهن. تعلقي سڪرنڊ جي ڪل آبادي 391150 آهي ۽ 12 يونين ڪائونسل: سڪرنڊ1، سڪرنڊ2 ، پير ذاڪري، ماروي، ڀورا، گوهرام مري، محراب پور، حمل فقير، ڪنب ليمان، کڏهر، ڪرم علي جمالي،۽ دليل ديرو آهن. تعلقي جا مشهور ۽ وڏا ڳوٺ ماڙي جلباڻي، ماڙي سابڪي، دڙي مگسي، پنهل خان چانڊيوآهن،.
تعلقي سڪرنڊ ۾ ڪيترائي پرائمري ،مڊل ۽ هاءِ اسڪول هڪ ڊگري ڪاليج، وٽرنري يونيورسٽي، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جو تحقيقي ادارو، پوليس ڪمانڊو ٽريننگ سيٽرآهن. صنعتي لحاظ سان سڪرنڊ شگر مل، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن،۽ ڪيترائي ڦٽيون ٽاڻڻ جا ڪارخانا آهن.سڪرنڊ جي اولهه طرف مشهور شڪار گاهه پئي ٻيلو آهي.نانگ جي بچاءُ جي ويڪسين تيار ڪرڻ جو تحقيقي ادارو پڻ قائم ڪيو ويو آهي. تعلقي سڪرنڊ ۾ هڪ تعلقه اسپتال، ٻه آر.ايڇ.سي.سينٽر، 10 بنيادي صحت مرڪز ۽ ڪيتريون ئي گورنمينٽ ڊسپينسريون صحت جون سهولتون مهيا ڪري رهيون آهن.سڪرنڊ جي اولهه طرف مڏ وٽ سنڌو درياءَ بند سان ٽڪرائجي ٿو. ٻوڏ دوران اهو منظر ڏسڻ جهڙو آهي. سنڌو درياءَ تي ميڪارو بند وٽان پل زير تعمير آهي. مجموعي طور تعلقو سڪرنڊ سياسي سماجي، ادبي، حوالي سان نهايت ئي سنڌ جو ذرخيز علائقو آهي.

يونين ڪاؤنسلون

سڪرنڊ تعلقي ۾ هيٺيون يونين ڪاؤنسلون آهن.
  1. ڪنب ليمان
  2. حمل فقير
  3. سڪرنڊ
  4. دليل ديرو
  5. پير ذاڪري
  6. ماروي
  7. محراب پور
  8. ڀورا
  9. گهرام مري
  10. کڏهر
  11. ڪرم جمالي
Reference: Wikipedia

Monday, May 29, 2017

آفتاب ڪيريو ڀريا روڊ

​ڪاش عيد جي ڏهاڙي ڪو اهو به سوچي ها ته پاڙي ۾ يتيم ۽ مسڪين ٻار مايوس ۽ غمزده آهي ان لا ته ان وٽ اهو سڀ ڪجه ان ڏينهن به ناهي جنهن ڏينهن سڀني ڏي هوندو آهي.. ان ڏينهن ڪنهن يتيم پنهجي والدين جي شفقت کي ضرور محسوس ڪيو هوندو ۽ عيد کي عيد نه ڪري سمجهيو هوندو. دنيا ۾ ڪو انسان فرشتو ته نٿو ٿي سگهي مگر ڪڏهن ڪڏهن ڌرتي تي انسان جو ڪيل ننڍو عمل به انجي شخصيت ۽ نيتن جو تعارف ڪرائي ڇڏيندو آهي. ڀريا سان تعلق رکندڙ انسان ٖ هڪ مڊل ڪلاس طبقي جي گهراڻي جي ٽيليفون آپريٽر جي فرزند ٖ سماجي و ديشي ڪارڪن ٖ صوفياڻي نظريئي جو پيروڪار ٖ صحافت کي زندگي جو ڪافي حصو ارپيندڙ محترم آفتاب حسين ڪيريو ٖ ڳوٺ خليفو حاجي ابراهيم ڪيريو جو ڪردار معاشري جي فلاح و انساني بهتري لا ساراه جوڳو رهيو آهي. پاڻ مختلف قومي و سماجي تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ ڪم ڪيو اٿن ۽ انڊس ڪيريا سوشل فورم ۾ پنهجو ڪردار ادا ڪيو اٿن.پاڻ دنيا نيوز ٽي وي ۾ تعلقه رپورٽر ڀرياسٽي ۽ اليڪشن ايگزيڪيٽو ڪميٽي جا چيئرمين به آھن ته انجمن غلامان پنجتن پاڪ عيد ميلادالنبي ڪميٽي نوشھرو فيروز جو سھڪاري ميمبر به آھن. موجوده وقت ۾ پاڻ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ ايريا سيلز مينيجر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. دعا اھي ته مولا سندن نيڪ جذبن ۽ زندگي ۾ برڪتون وجهي. آمين.توهان کي آفتاب جي شخصيت ڪيئن لڳي پنهجي مثبت ڪمينٽس کي ڏئي محبت و عزت کي فروغ ڏيو.








رضا محمد ڪيريو سڪرنڊ

سالن جي سورن کي برداشت ڪرڻ کانپوء اگر ڪنهن جي منهن مان صرف بهترين جو لفظ يا اوهان تي فخر آهي ته اهو ان اذيتن جو پورائو نٿو ڪري سگهي جڏهن معصوم زندگين جي ڪلهن تي وڏا بار رکيا وڃنن. نواب شاه جي نوجوان رضا محمد ڪيريو جي زندگي جي ڪهاڻي به ڪجه اهڙي آهي جو جڏهن مئٽرڪ ڪئي هئي ته بدقسمتي سان سندن والد وفات ڪري ويو ۽ قدرتن والد هر ٻار جو دنيا جو وڏو سهارو هوندو آهي پر اهو به منزل تي پهچڻ کان پهرين ئي ختم ٿي وڃي ۽ اهو به ڪنهن شاگرد کان ٖ جنهن ڪتابي جملن مان ڪي عظيم خواب سوچيا هجن. ته سوچڻ جي ڳاله پيدا ٿئي ٿي ته ان انسان جي زندگي جي مسڪراهٽ ٖ هر خوشي بي رونق ٿي وڃي ٿي. ليڪن اهڙن حالتن ۾ ڪو مقابلو ڪري منزل تائين پهچي ته اهو شينهن جي برابر آهي.. 

نوجوان رضا محمد ڪيريو انٽرميديئٽ کان يونيورسٽي تعليم تائين پارٽ ٽائيم نوڪري ڪري پنهجي فيملي جي سپورٽ سان گڏو گڏ تعليم جاري رکي. ۽ بهتر روزگار کي حاصل ڪرڻ لا در در تي ڀٽڪندو رهيو مگر ڪنهن ڀوتار جي آسري تي پنهجو وقت ضايع نه ڪيو ۽ پاڻ پنهجي ڪيريئر جي شروعات خوشحالي بينڪ ڪراچي ۾ بطور بي  ڊي او سال 2012  کان ڪئي ۽ سندن ان سفر ۾ پاڻ مختلف بينڪس جي مختلف عهدن کان وٺي موجوده وقت ۾ حبيب بينڪ لميٽيڊ نوابشاه ۾ بطور اسٽنٽ مينيجر تائين پهتا آهن.
رضا ڪيريو جي حقيقي ڪهاڻي ئي سندن حقيقي تعارف آهي ته پاڻ بهادر ٖ محنتي ۽ خود دار انسان آهن جيڪي ٻئي جي سهاري جو انتظار ناهن ڪندا پر پاڻ ٻين جو سهارو ٿي ويندا آهن. 


Ali Akbar Keerio , Sukrand

​سنڌ ۽ انسانيت دوست . خوشحالي لا جدو جهد ڪندڙ نوجوان ايڊوڪيٽ علي اڪبر ڪيريو جو تعلق ڳوٺ نٿو ڪيريو تعلقه سڪرنڊ سان آهي . پاڻ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا نائب صدر تعلقه سڪرنڊ آھن. پاڻ 8 سالن کان ايس ٽي پي جا ميمبر آهن. پاڻ هڪ غريب خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ زندگي جي بي رحمين سان جنگ ڪري به تعليم جهڙي زيور کي حاصل ڪيو. پاڻ اهي انسان آهن جن بنا خوف ذيادتين جي خلاف هميشه احتجاج ڪيو ۽ سچ جا ساٿي رهيا. سندس جذبي جو دل جي گهراين سان احترام آهي ۽ سندس معاشرتي بهتري لا ڪاوشن تي اسان کي ناز آهي. دعاگو آهيون ته رب سائين سندن جذبي ۽ ڪاوشن سان گڏو گڏ سندن زندگي ۾ به برڪت وجهي ۽ پاڻ هميشه خوش رهن آمين.

غلام حسين ڪيريو ڪراچي

​هڪ انمول ۽ خوش اخلاق انسان جنهن جي چهري تي اڪثر مسڪراهٽ هوندي آهي جيڪا تمام ٿورن انسان کي نوازيل هوندي آهي.کين خوش اخلاقي ۽ خود داري والدين کان ورثي ۾ ملي ۽ خود داري جي صفت جي بدولت سماراجن جي ڪاڻ نه ڪڍڻ جي بدولت هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ويڪسينيٽر جي سرڪاري نوڪري ماضي ۾ وڃائي ويٺا ۽پوء پرائيويٽ ۾ آدمجي ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ نيٺ مالڪ سيڪريٽريٽ ۾ ڪرسي تي ويهاريو.سندن نسل اڪثر مختلف بزرگن جي زباني ڳالهين مطابق نوابشاه جي ڀرسان لڳ ڳوٺ جمال ڪيريو سان تعلق رکي ٿو. ڪافي عرصو پهرين تقريبن ڏيڍ سئو سال پهرين اتان کان هجرت ڪري ڳوٺ چوٽياريون شريف ضلع سانگهڙ ۾ رهائش پذير ٿيا. هجرت ڪرڻ وارن ۾ سندن وڏو ابو طالب ۽ نور محمد ڪيريو شامل هئا. جڏهن ته انهن جا مائٽ بصر دين ڪيريو ۽ معز دين ڪيريو اتي ئي رهيا.. پاڻ وڏيرو احسان علي ڪيريو جي فرزند مرحوم وڏيري محمد ابراهيم جا فرزند غلام حسين ڪيريو آهن. پاڻ اٺين ڪلاس تائين پنهجي ڳوٺ ۾ تعليم حاصل ڪئيٖ مئٽرڪ ۽ انٽر شهداد پور هاء اسڪول مان ڪيائون.مرحوم رئيس رسول بخش ڪيريو سڪرنڊ جو ۽ سندن جو خاندان اوائلي ھڪ ھو ، اھا ڳالھ سندن ڏاڏا مرحوم احسان علي ڪيريو به ڪندو ھو ۽ سائين اعجاز علي شاھ راشدي سعيد آباد به ڪندو ھو .پاڻ حقيقي قوم جو حقيقي درد محسوس ڪندا آھن، دعا آهي ته مولا سائين سدا سلامت رکين ۽ هميشه مسڪرائيندا رهن. آمين.اوهان غلام حسين ڪيريو جي شخصيت کي مثبت انداز ۾ ڪيئن پرکيو آهي.. ڪمينٽ ڏيڻ نه وساريندا.