Wednesday, April 26, 2017

Ameen Muhammad Sahrwardi , Sukrand , Sindh , Pakistan

استاد بخاري
سون بازار مان ڳني وٺبو آ
فيض رهبر کان پني وٺبو آ
جو به سمجهو اوهان جو حق آ
حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ

خدمتن جي جذبن ٖ خيالن ٖ خوابن جي جنون سان ڀريل انسان وقت کي پنهجي معاشري جي آزاد ٿيڻ جي انتظار ۾ گذاري ٿو ته ڪڏهن هن سماج کي غلامي کان نجات ملي ۽ عقل و شعور سان انسان ۾ پرکڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪيفيت جنم وٺي ته جيئن اهو حقيقي خدمتگارن جو سهارو حاصل ڪري خوشحالي جو سپاهي بنجي سگهي.
اهڙن انسان ۾ امين محمد ڪيريو ولد دودو خان ڪيريو ٖ سڪرنڊ جي هڪ قديمي ڳوٺ تلي ۾ ۽ سڪرنڊ جي هڪ مشهور سگهڙ خاندان ۾ پيدا ٿيو. پاڻ باٽني سبجيڪٽ جا گريجوئيٽ آهن ۽ مختلف ادارن ۾ نوڪري ڪرڻ جو موقعو به مليو ليڪن پاڻ کي انهن ڪمن ۾ بي سڪونيت جي ڪري ڇڏي ڏنن.

پاڻ ادب جي واٽ تي هلندڙ پانڌيئڙن مان آهن ۽ سائين حضرت غوث بهاؤالحق زڪريا ملتاني جا مريد ۽سهروردي سلسلي جا آھن ان ڪري نالي جي پويان سهروردي لکندا آهن ، ڪتابن سان دلي لڳا۽ اٿن ان ڪري هن وقت سندن. لائبرري م سون جي تعداد م ڪتاب موجود آھن هن وقت ڪافي ڪتابن تي ڪم ڪري رهيا آهن جن م سنڌ جا ڪيريا بزرڱ ، غوث جا ڱادي نشين ، سنڌ جا سهروردي بزرڱ ، جيڪي عنقريب شايع ڪرائڻ جي آس اٿن.

سندن ادب ۽ ڪتاب سان چاه يقينن شعور جي لاٽ ٻاري سگهي ٿو ۽ ان سان فتح ممڪن ٿي سگهي ٿي.
سندن جذبن جو خلوص دل سان احترام ٿا ڪريون ۽ دعاگو آهيون ته سدا سلامت رهن.

اوهان امين محمد سهروردي جي شخصيت جي باري ۾ ڇا چوڻ پسند ڪندا ؟

No comments:

Post a Comment