Wednesday, April 26, 2017

Allah Rakhio Keerio , Sukrand

اڄ جو مايه ناز و معروف ۽ ماهر باغباني هڪ هاري جو اولاد هو جنهن جو ماضي محنت و مشقتن جي ڏينهن ۾ گذريو هو. ان زندگي ۾ جدوجهد سکڻ جي ابتدائي تعليم والدين جي ڪاڙهي ۽ اس ۾ هر هلائڻ ٖ بنجر زمين کي زرخيز ڪرڻ ۽ مزدوري دوران بکن ۽ اڃنن کي برداشت ڪرڻ مان سکي هوندي. ابتدائي تعليم لا شهر تائين ٖ جيڪو 5 کان 6 ڪلوميٽر سندن رهائش کان پري آهي ان دور ۾ جڏهن آمدرفت جا ذريعا به بمشڪل هئا ٖ پيرن سان پنڌ وڃي علم حاصل ڪيو ۽ ان قول جي پيروي به ڪئي ته اعلي تعليم لا چين وڃڻو پوي ته به وڃو پر والدين جي هزارين خوابن جي ساڀيان به ڪئي ۽ هڪ هاري جي گهر کي خوشحال ڪرڻ سان گڏوگڏ هزارن هارين جي روزگار جي زريعي زراعت کي هٿي ڏيڻ لا هڪ لاجواب ڪردار ادا ڪيو. پاڻ ڪنهن تعارف ۽ اعزاز جا محتاج ته ناهن پر سندن خدمتون ۽ محنتون هڪ مثال طور پيش ڪري انهن نوجوانن کي تحريڪ ڏيڻ ٿا چاهيون ته رستن تي نڪرڻ سان منزل آسان ٿيندي آهي. ۽ مانواري سائين الهرکيو ڪيريو لا دعاگو آهيون ته سدا سلامت آباد هجن ۽ شال خوش رهن. آمين

No comments:

Post a Comment